گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي ترجماني ۽ غزه ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجڻ جو موقعو مليو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

لنڊن _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي ترجماني ۽ غزه ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجڻ جو موقعو مليو، گڏيل قومن ۾ غزه جي صورتحال تي ٿيندڙ اجلاس جو مثبت نتيجو تمام جلد سامهون ايندو، صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان سان اقتصادي تعاون ۾ وڌيڪ سگهه آندي ويندي، …

لنڊن _ 29 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي ترجماني ۽ غزه ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجڻ جو موقعو مليو، گڏيل قومن ۾ غزه جي صورتحال تي ٿيندڙ اجلاس جو مثبت نتيجو تمام جلد سامهون ايندو، صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان سان اقتصادي تعاون ۾ وڌيڪ سگهه آندي ويندي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو ڪنهن جي خلاف نه آهي، حرمين شريفين جي حفاظت جي لاءِ قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت پرڏيهي پاليسي سميت سمورن معاملن ۾ هڪ پيج تي آهي، معيشت بنيادي استحڪام حاصل ڪري چڪي آهي، هاڻي ترقي ۽ پائيدار استحڪام جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي، دوست ملڪ اسان سان هٿ ونڊائڻ جي لاءِ تيار آهن، موسمياتي تبديلي جي ڪري تازي ٻوڏ تمام گهڻي تباهي ڪئي آهي، اسان جو حوصلو ۽ عزم بلند آهي، ان چئلينج مان نڪري اڳتي وڌنداسين، گذريل حڪومت دهشتگردن کي آزاد ڪري ٻيهر رهايو، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ئي سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪ فوج ڀارت کي جيڪو سبق سيکاريو آهي اهو ان کي سدائين ياد رهندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سڀني کي مبارڪ هجي، نيويارڪ ۽ واشنگٽن جو اسان جو دورو انتهائي ڪامياب ۽ ڪارائتو رهيو. گڏيل قومن ۾ صدر ٽرمپ ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي صدارت ۾ غزه جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو. ان اجلاس۾ پاڪستان کي خصوصي طور تي گهرايو ويو هو. قطر، يو اي اي، سعودي عرب، انڊونيشيا، اردن ۽ مصر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. گڏيل قومن جي عمارت ۾ غزه جي صورتحال تي اجلاس خوش آئنده اڳڀرائي آهي. غزه بابت اجلاس ۾ حوصلي جوڳي ڳالهه ٻولهه ٿي. مون کي پڪو يقين آهي ته غزه تي تازي اجلاس جو مثبت نتيجو تمام جلد سامهون ايندو. اسان چاهيون ٿا ته غزه ۾ فوري جنگبندي ٿئي. غزه ۾ 2023ع کان ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم آهي، بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪيو پيو وڃي جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ مسلمانن جي خلاف ڏاڍ جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي. مون الحمدالله غزه جي صورتحال تي جنرل اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ان کانسواءِ ڪشمير مسئلي ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ پڻ جنرل اسيمبلي جي فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو. وزيراعظم چيو ته معرڪه حق ۾ اسان ڀارت کي شڪست ڏني، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڀارت کي اهڙو سبق سيکاريو آهي جيڪو سڄي زندگي ان کي ياد رهندو، ان حوالي سان به مون ڳالهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڻي تي جيڪو اسان جو حق آهي ان تي به ڀرپور آواز اٿاريو. مون چيو ته اسان جنگ کٽي ورتي آهي، اسان جي بهادر هٿياربند فوج انتهائي پيشيواراڻي صلاحيت ۽ مهارت جو مظاهرو ڪيو، ان جو عزم انتهائي مضبوط ۽ پختو هو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ معرڪه حق ۾ پاڪستان تاريخي فتح حاصل ڪئي. جنگ دوران پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي پٺيان بيٺل هئي. پاڪ فضائيه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت ۾ اسان جي بهادر شاهينن پنهنجي جرئت ۽ بهادري ڏيکاري ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. دنيا کي باور ٿيو ته پاڪستان جي ائٽمي صلاحيت رڳو دفاعي مقصدن جي لاءِ آهي. 24 ڪروڙ عوام جون دعائون پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ هيون. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ 24 ڪروڙ عوام جي دعائن سان معيشت بنيادي استحڪام حاصل ڪري چڪي آهي، هاڻي ترقي ۽ پائيدار استحڪام جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي، بدقسمتي سان موسمياتي تبديلي جي ڪري تازي ٻوڏ تمام گهڻي تباهي ڪئي آهي. 2022ع جي ٻوڏ سبب سنڌ جڏهن ته تازي ٻوڏ سبب پنجاب ۾ تمام گهڻونقصان ٿيو آهي. هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، هزارين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ ملڪيتن کي تمام گهڻونقصان پهتو آهي. ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. اسان جو حوصلو ۽ عزم بلند آهي ۽ انشاءَ الله ان صورتحال کي منهن ڏينداسين ۽ ان چئلينج مان نڪري اڳتي وڌنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته واشنگٽن ۾ صدر ڊنلڊ ٽرمپ سان انتهائي ڪارائتي، تعميري ۽ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي، گڏيل لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ اها ملاقات اهم رهي، ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون تي پڻ  خيالن جي ڏي وٺ ٿي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستان سان اقتصادي تعاون ۾ وڌيڪ سگهه آندي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دوست ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب سان دفاعي معاهدو ڪيو ويو آهي، سعودي عرب جي دوري ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي عزت ڏني وئي، سعودي قيادت شاندار انداز ۾ استقبال ڪيو جيڪو 24 ڪروڙ پاڪستانين جي لاءِ فخر جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي بدقسمتي سان ٻيهر ڪَر کنيو آهي، ڪجهه سال اڳ دهشتگرد آزاد ڪيا ويا، انهن کي واپس آندو ويو، اهو ڪنهن به طور تي نه ٿيڻ گهرجي ها. گذريل حڪومت دهشتگردن کي آزاد ڪري ٻيهر رهايو، دهشتگردي جو وڏو سبب دهشتگردن کي ٻيهر رهائڻ آهي. فتنه الخوارج، ڪالعدم ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ مجيد برگيڊ فتنه الهندستان جي اشارن تي هلن ٿا. پاڪ فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليس سڀ گڏجي ڏينهن رات دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، دهشتگردن جو صفايو ڪيو پيو وڃي، اسان جا جوان ۽ آفيسر ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهن. جيڪي خارجي هٿ دهشتگردي جي پٺيان آهن اهي پاڪستان کي وڌندو ويجهندو نه ٿا ڏسي سگهن. فتنه الخوارج جي خلاف سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. دهشتگردن جو صفايو ڪري ئي رهنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جا جوان ۽ آفيسر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهيا آهن، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي قرباني ٿي سگهي ٿي. انشاءَ الله اسان دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ جلد ڪامياب ٿينداسين. پاڪستان جي ترقي کان ڊنل دهشتگرد تنظيمن جو صفايو ڪنداسين. ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ئي سُک جو ساهه کڻنداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جو تمام وڏو فضل ۽ ڪرم آهي جو ان مون کي موقعو عطا ڪيو ۽ مون نه رڳو گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي پر غزه ۽ ڪشمير ۾ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي اتان جي مظلومن جو آواز بڻيس. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پڻ موجود هئا، اسان جي انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪيا. جنگ ڊگهي ٿئي ها ته ان جا بي پناهه نقصان ٿي سگهيا پئي. مون انهن کي ٻڌايو ته ٻئي ملڪ ائٽمي طاقتون آهن، جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ وقت سر ۽ فيصلائتو ڪردار ادا نه ڪري ها ته نه رڳو خطي پر دنيا تي ان جنگ جا اثر پون ها، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني قوم امن ڪوششن تي نوبل انعام جي لاءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو نالو تجويز ڪيو. صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان کانسواءِ به دنيا ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت سميت هر معاملي تي مشاورت ڪن ٿا ۽ اسان هڪ پيج تي آهيون، اخلاص سان ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهيون. دعا آهي ته اها اسان جي هم آهنگي جاري رهي ته جيئن ماضي جي نقصانن جو ازالو ٿي سگهي. ڏينهن رات محنت جي نتيجي ۾ پاڪستان پنهنجي منزل حاصل ڪندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي معاهدو ڪنهن جي خلاف نه آهي. سعودي عرب پاڪستان جو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، صدين ۽ ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اعتماد جو مضبوط رشتو قائم آهي، ان کي باضابطا بڻايو آهي ۽ ان معاهدي ۾ اها شيءَ شامل آهي ته هڪ ملڪ تي جيڪڏهن حملو ٿيندو ته ٻئي ملڪ تي به اهو حملو تصور ڪيو ويندو ۽ گڏجي ان جو مقابلو ڪنداسين، دفاعي معاهدو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پراڻي خواهش هئي جيڪا پوري ڪئي وئي آهي. هر مسلمان روضه رسول ﷺ ۽ خانه ڪعبه جي حفاظت جي لاءِ مرڻ جي لاءِ تيار هوندو آهي. اهو معاهدو ڪري اسان دين ۽ دنيا ٻئي ڪمايا آهن. حرمين شريفين جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسان طاقت جي ڊوڙ ۾ شامل نه آهيون اسان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا ۽ ملڪ جي اقتصادي منزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. غربت ۽ بيروزگاري جي خاتمي ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۽ نوجوانن تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي ڇو ته نوجوانن جي وڏي آبادي هڪ چئلينج سان گڏوگڏ اسان وٽ هڪ موقعو به آهي. جيڪڏهن اسان نوجوانن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪريون، انهن کي فني تربيت آءِ ٽي، زراعت، مصنوعي ذهانت ۾ موقعا فراهم ڪريون ته ملڪ وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندو. وزيراعظم چيو ته هڪ هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چين ۾ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي اهي واپس اچي ملڪ جي زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻيندا، اسان پاڪستان جي مضبوط اقتصاديات جي لاءِ جستجو ڪري رهيا آهيون ان تي اسان جو سڄو ڌيان آهي، ان سان گڏوگڏ دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين تي پڻ اسان جي نظر آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم جي خواهش آهي ته پاڪستان معاشي طور تي هڪ خوشحال ملڪ بڻجي، پنهنجي پيرن تي بيهي، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، پنهنجي دولت پاڻ پيدا ڪري. ان حوالي سان پاڪستاني قوم ۾ صلاحيت موجود آهي ۽ الله تعاليٰ اسان کي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. وقت اچي ويو آهي ته ان مان پوري طرح فائدو کڻون. دوست ملڪ اسان سان هٿ ونڊائڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن. نار ملڪ، سعودي عرب ۽ آمريڪا تعاون ڪرڻ چاهين ٿا، چين سان اسان جا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، ان کان بهتر حالتون ٿي نه ٿيون سگهن. اسان ڀرپور عزم سان ڪم ڪريون ته پوءِ ڪا شيءَ اسان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻجي سگهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت ۾ جيڪو اجلاس ٿيو اهو غزه جي صورتحال تي ئي ٿيو هو ته ڪهڙي طرح غزه ۾ جلد جنگبندي ٿئي ۽ اتي امن قائم ٿئي. ان اجلاس کانپوءِ منهنجي اميدن ۾ اضافو ٿيو ۽ واشنگٽن ۾ به صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان جيڪا ملاقات ٿي ان ۾ ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ان سان منهنجو حوصلو وڌيڪ وڌيو ويو. مون کي اميد آهي ته تمام جلد ان حوالي سان سٺيون خبرون ملنديون.

مزید خبریں