گڏيل قومن طرفان پابنديون ٻيهر لڳائڻ وارو عمل غير منصفاڻو آهي: ايران

تهران -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان گڏيل قومن طرفان پابنديون ٻيهر لڳائڻ کي غيرمنصفاڻو قرار ڏيندي چيو آهي، ته اسان ڪنهن به اهڙين ايٽمي ڳالهين کي رد ڪيون ٿا جيڪي نوان مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته اسان هميشه واضح معيار تي ٻڌل منطقي ۽ مصنفاڻين ڳالهين لاءِ پنهنجي رضامندي تي زور ڀريو آهي، پر اسان اهڙين ڳالهين …

تهران -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان گڏيل قومن طرفان پابنديون ٻيهر لڳائڻ کي غيرمنصفاڻو قرار ڏيندي چيو آهي، ته اسان ڪنهن به اهڙين ايٽمي ڳالهين کي رد ڪيون ٿا جيڪي نوان مسئلا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته اسان هميشه واضح معيار تي ٻڌل منطقي ۽ مصنفاڻين ڳالهين لاءِ پنهنجي رضامندي تي زور ڀريو آهي، پر اسان اهڙين ڳالهين کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين جيڪي اسان لاءِ نون مسئلن جو سبب بڻجن، ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام تي گڏيل قومون جون پابنديون ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي مذمت ڪندي انهن کي غير منصفاڻو قرار ڏنو. ايران جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي، ته رد ڪيل ٺهرائن کي ٻيهر فعال ڪرڻ قانون عملي جي سخت ڀڃڪڙي آهي، ايئن ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪالعدم آهي. ايران جي پرڏيهي وزارت اعلان ڪيو آهي، ته ايران پنهنجي قومي حقن ۽ مفادن جو مضبوطي سان دفاع ڪندو ۽ پنهنجي عوام جي مفادن ۽ حقن کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به قدم جو سخت ۽ مناسب جواب ڏيندو.

مزید خبریں