معافي جو انتظار ناهيان ڪري رهيو، پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس: فرانس جو اڳوڻو صدر

 پيرس - 29 سيپٽمبر(اي پي پي) فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولاسارڪوزي اعلان ڪيو آهي ته لبيا کان غير قانوني چونڊ فنڊنگ ڪيس ۾ 5 سال قيد جي سزا بعد هو ڪنهن به صورت ۾ صدارتي معافي جو منتظر ناهي. پرڏيهي اخبار ۾ شايع ٿيل هڪ انٽرويو ۾ هن پنهنجي ” ديانتداري “ ثابت ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پيرس جي هڪ عدالت خميس ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي فرانس جي اڳوڻي …

 پيرس – 29 سيپٽمبر(اي پي پي) فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولاسارڪوزي اعلان ڪيو آهي ته لبيا کان غير قانوني چونڊ فنڊنگ ڪيس ۾ 5 سال قيد جي سزا بعد هو ڪنهن به صورت ۾ صدارتي معافي جو منتظر ناهي. پرڏيهي اخبار ۾ شايع ٿيل هڪ انٽرويو ۾ هن پنهنجي ” ديانتداري “ ثابت ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پيرس جي هڪ عدالت خميس ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي فرانس جي اڳوڻي صدر کي پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. عدالت مطابق هن پنهنجي ويجهن ساٿين کي لبيا جي اڳوڻي اڳواڻ معمر قذافي کان 2007ع جي چونڊ مهم لاءِ غير قانوني فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. انٽرويو ۾ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هو صدر ايمانوئل ميڪرون کان معافي جي اميد رکي ٿو ته سارڪوزي جواب ڏنو ” نه ؛. اڳوڻي صدر وضاحت ڪئي ته ” معافي لاءِ ضروري آهي ته توهان عدالت جي فيصلي کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو . مان ڪڏهن به ان ڏوهه جو اعتراف نه ڪندس جيڪو مان ڪيو ئي ناهي . مان پنهنجي ديانتداري جي اعتراف لاءِ آخر تائين وڙهندس . ” هن ڳالهه ختم ڪندي چيو “ مان ڪامياب ٿيندس . واضع رهي ته معافي ان وقت ممڪن آهي جڏهن سزا حتمي ۽ لاڳو ٿيڻ جوڳي هجي ۽ في الحال اهو قدم غور هيٺ ناهي ڇو ته سارڪوزي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪري رکي آهي.

مزید خبریں