گڏيل قومون- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان ڀارت طرفان ملڪ کي ”ٽيررستان“ چوڻ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ان کي انتهائي شرمناڪ ۽ هلڪڙائپ قرار ڏنو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري محمد راشد جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي جواب جو حق استعمال ڪندي ڀارتي هم منصب رينٽا لاسري نواس جي ان بيان کي انتهائي شرمناڪ ۽ ٻاراڻو قرارڏنو. هن پنهنجي بيان …
گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران ڀارت کي ڀرپور جواب، ڀارت کي ”دهشتگردي جو مستقل ڏوهاري“ قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
گڏيل قومون- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان ڀارت طرفان ملڪ کي ”ٽيررستان“ چوڻ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ان کي انتهائي شرمناڪ ۽ هلڪڙائپ قرار ڏنو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري محمد راشد جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي جواب جو حق استعمال ڪندي ڀارتي هم منصب رينٽا لاسري نواس جي ان بيان کي انتهائي شرمناڪ ۽ ٻاراڻو قرارڏنو. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اهو انتهائي شرمناڪ آهي ته ڀارت هڪ ملڪ جو نالو بگاڙي رهيو آهي ۽ ايتري قدر ڪِري پيو. جيڪو گڏيل قومن جو هڪ ميمبر آهي. هڪ خودمختيار رياست جي نالي جو مذاق اڏائڻ نه رڳو غير مهذب آهي پر اهو هڪ پوري قوم جي توهين ۽ بدنام ڪرڻ جي سڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته هي ڪو مقامي سياسي ميڙاڪو ناهي، اهڙي طرح جي بيان بازي ۾ ملوث ٿي ڀارت پنهنجي ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ دنيا کي ڏيکاري رهيو آهي، ته هن وٽ ڪو به ٺوس دليل موجود ناهي، صرف ٺلهيون ڳالهيون آهن جيڪي سنجيده گفتگو جي قابل به ناهن. پاڪستاني سفير جي ان سخت جواب تي ڀارتي سيڪريٽري ڪو به وڌيڪ جواب نه ڏئي سگهيو. محمد راشد چيو ته ڀارت سرحد پار دهشتگردي جي حمايت ۽ سرپرستي ڪري رهيو آهي جنهن جو حوالو هن ڀارتي ڳجهي ايجنسين جي نيٽ ورڪس جو ڏنو جيڪي پاڙيسري ملڪن کي غير مستحڪم ڪرڻ ۾ ملوث آهن. هن چيو ته اهڙا قدم ڀارت جي دهشتگردي جي خاتمي وارين دعوائن کي ٻٽو معيار ظاهر ڪن ٿا. ان کان اڳ پاڪستاني سفارتڪار ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر جي ان بيان تي به اعتراض ڪيو جنهن ۾ هن پاڪستان کي ”عالمي دهشتگردي جو مرڪز“ قرار ڏنو هو. محمد راشد ان الزام کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته ڀارت نه رڳو دهشتگردي جو تسلسل جو مرتڪب ناهي پر هڪ علائقائي بدمعاش به آهي جنهن ڏکڻ ايشيا کي پنهنجي اجاره داراڻن عزمن ۽ انتهاپسنداڻن نظرين سان يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ حياتيون قربان ڪيون آهن، جن کي عالمي سطح تي به مڃيو ويو آهي. هن ڀارتي نيول آفيسر ڪلڀوشن يادو جو به ذڪر ڪيو جنهن کي پاڪستان ۾ جاسوسي ڪندي پڪڙيوو يو هو. محمد راشد ڀارت پاران پهلگام واقعي تي پاڪستان تي بنا ثبوتن جي الزام لڳائڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن به ڪو واقعو پيش اچي ٿو ته پاڪستان تي بنا ڪنهن ثبوت جي الزام لڳايو وڃي ٿو.هن مئي 2024ع جي واقعي جو به حوالو ڏنو جڏهن ڀارت ان واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان خلاف جارحيت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 54 بيگناهه ماڻهن جون زندگيون ضايع ٿيون، جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون. آخر ۾ محمد راشد پاڪستاني امن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڏکڻ ايشيا جا 1.9 بلين ماڻهو خوشحالي ۽ استحڪام جا مستحق آهن پر اهي هدف ڌمڪين سان رعب سان حاصل نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته اصل ترقي لاءِ خلوص، گڏيل احترام، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ضرورت آهي، جن اصولن کي پاڪستان سدائين برقرار رکيو آهي ۽ ڀارت کي به اهي اصول اختيار ڪرڻ گهرجن.











