وزيراعظم شهباز شريف جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب ۾ پوري مسلمان امت جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي: عطاءُ الله تارڙ

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ پوري مسلمان امت جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جو ڪيس موثر انداز ۾ پيش ڪيو، وزيراعظم فلسطيني ٻارڙي هند رجب …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب کي تاريخي قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ پوري مسلمان امت جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي ۽ فلسطين ۽ ڪشمير جو ڪيس موثر انداز ۾ پيش ڪيو، وزيراعظم فلسطيني ٻارڙي هند رجب تي ظلم کي افسوسناڪ قرار ڏنو جنهن کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو هو. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ فلسطيني عوام جي ڀرپور ترجماني ڪئي ۽ انهن جو ڪيس دنيا آڏو رکيو جنهن تي جنرل اسيمبلي ۾ موجود نمائندن وزيراعظم جي خطاب کي ڀرپور ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم والاريل ڪشمير جو ڪيس پڻ انتهائي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت دوران شهيد ٿيندڙ 7 سالا معصوم ٻار ارتضيٰ عباس جو خاص طور تي ذڪر ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ڀارتي جارحيت جي پس منظر ۾ دنيا کي ٻڌايو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، اسان ڀارت جا 7 جنگي جهاز ڪيرايا. هن چيو ته وزيراعظم متاثر ڪندڙ انداز ۾ عالمي دنيا آڏو اهم نقطا پيش ڪيا، وزيراعظم دنيا آڏو موسمياتي تبديلي سبب نقصانن جو معاملو پڻ اجاگر ڪيو.

مزید خبریں