نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير سان ملاقات

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر يوهان واڊيفول سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقي، ماحولياتي تبديلي، …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر يوهان واڊيفول سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقي، ماحولياتي تبديلي، هنرمند افرادي قوت جي منتقلي، عوامي رابطن جي فروغ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں