آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ڪمپنين کي فوري پاڪستان وڃي سيڙپڪاري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ چيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي فوري پاڪستان وڃي سيڙپڪاري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ چيو آهي، ان جو جنگبندي جي لاءِ ڪردار ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم هو، ڀارت جي سرحد پار دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهيون، غيرملڪي فنڊنگ …

نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪندي آمريڪي ڪمپنين کي فوري پاڪستان وڃي سيڙپڪاري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ چيو آهي، ان جو جنگبندي جي لاءِ ڪردار ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم هو، ڀارت جي سرحد پار دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهيون، غيرملڪي فنڊنگ سان دهشتگردي جون ڪارروايون ڪندڙ دهشتگردن ۽ ايجنٽن جو صفايو ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم صحافين کي آمريڪي صدر سان ٿيندڙ ملاقات کان آگاهه ڪندي چيو ته صدر ٽرمپ سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، هن پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو، ساڻس ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي صدر پاڪستان سان واپاري لاڳاپن ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ انتهائي حوصلي جوڳي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آمريڪي ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺن. وزيراعظم چيو ته آمريڪي ڪمپنين سان اسان گڏيل منصوبن جي لاءِ صحيحون پڻ ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ ۽ سندس ٽيم پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ڪرائڻ ۾ اهم ۽ دانشمنداڻو ڪردار ادا ڪيو، صدر ٽرمپ جو جنگبندي جو فيصلو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم هو جنهن تي مون پنهنجي پاران ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام پاران سندس هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاڪ ڀارت جنگبندي ۾ صدر ٽرمپ جي ڪردار جي معترف آهي، جيڪڏهن جنگ وڌي ها ته خطي ۾ تمام گهڻي تباهي ٿئي ها، انهي لاءِ امن ڪوششن تي اسان صدر ٽرمپ کي نوبل امن ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڀارت کان جنگ کٽي ورتي، هاڻي امن کٽڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت جي سرحد پار دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهيون، دهشتگردن ۽ ايجنٽن جو صفايو ڪيو پيو وڃي جيڪي غيرملڪي فنڊنگ سان دهشتگردي جون ڪارروايون ڪن ٿا.

مزید خبریں