نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ هر گذرندڙ ڏينهن نئون ڏاڍ آڻي رهيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت عورتن ۽ ٻارن تي اهڙو ظلم ڪيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن ڏسڻ جي لاءِ نه مليو هجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام جي خراب حالت اسان جي دور جي …
اولهندي ڪناري ۾ هر گذرندڙ ڏينهن نئون ڏاڍ آڻي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ هر گذرندڙ ڏينهن نئون ڏاڍ آڻي رهيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت عورتن ۽ ٻارن تي اهڙو ظلم ڪيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن ڏسڻ جي لاءِ نه مليو هجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام جي خراب حالت اسان جي دور جي سڀ کان وڌيڪ دل ڌوڏيندڙ المين مان هڪ آهي، اها ڊگهي ناانصافي عالمي ضمير تي ڌٻو ۽ اسان جي گڏيل اخلاقي ناڪامي آهي، 8 ڏهاڪن کان فلسطيني عوام پنهنجي ملڪ تي اسرائيل جي وحشياڻي قبضي کي حوصلي سان برداشت ڪري رهي آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت عورتن ۽ ٻارن تي اهڙو ظلم ڪيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن ڏسڻ جي لاءِ نه مليو هجي، اولهندي ڪناري ۾ هر گذرندڙ ڏينهن نئون ڏاڍ آڻي رهيو آهي، غيرقانوني آبادڪار دهشت ڦهلائين ٿا ۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪن ٿا، غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ حملن عورتن ۽ ٻارن ۾ ناقابل بيان دهشت ڦهلائي ڇڏي آهي جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ اسان ڪڏهن به مشاهدو نه ڪيو.












