نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت سان سمورن حل طلب معاملن تي جامع ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اوڀر محاذ تي اشتعال انگيز جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏنو، دشمن غرور ۾ آيو ۽ ذلت سان واپس وريو، پاڪستان جنگ کٽي ورتي، هاڻي اسان امن کٽڻ جا خواهشمند آهيون، صدر ٽرمپ امن جو علمبردار آهي، …
ڀارت سان سمورن حل طلب معاملن تي جامع ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ راضي آهيُون، پاڪستان اوڀر محاذ تي اشتعال انگيز جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏنو، دشمن غرور ۾ آيو ۽ ذلت سان واپس وريو، پاڪستان جنگ کٽي ورتي، هاڻي اسان امن کٽڻ جا خواهشمند آهيون، صدر ٽرمپ امن جو علمبردار آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس کي خطاب
نيويارڪ _ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت سان سمورن حل طلب معاملن تي جامع ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اوڀر محاذ تي اشتعال انگيز جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏنو، دشمن غرور ۾ آيو ۽ ذلت سان واپس وريو، پاڪستان جنگ کٽي ورتي، هاڻي اسان امن کٽڻ جا خواهشمند آهيون، صدر ٽرمپ امن جو علمبردار آهي، هو وقت سر ۽ فيصلائتي مداخلت نه ڪري ها ته مڪمل جنگ جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هُجن ها، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي اعلان جنگ جي برابر آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم ۽ ڏاڍ جلد ختم ٿي ويندو، غزه ۾ اسرائيل ناقابل بيان دهشت ڦهلائي ڇڏي آهي، فوري جنگبندي جو رستو ڪڍڻو پوندو، فلسطين کي هاڻي آزاد ٿيڻو پوندو، پاڪستان کي ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي درپيش آهي، دهشتگرد گروهه افغان سرزمين تان آپريٽ ڪن ٿا، افغانستان جي عبوري حڪومت دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪري، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين سان وڏا نقصان درپيش آهن، موسمياتي تبديلين جي ڪري وٺجندڙ قرض معيشت جي لاءِ تباهي آڻيندڙ آهن، اسان ڀرپور محنت ڪنداسين، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي جنرل مباحثي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي نئين چونڊيل صدر کي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ تي مبارڪباد ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي پڻ مشڪل حالتن ۾ انهن جي جرئتمنداڻي قيادت تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي دنيا اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مُشڪل آهي، تڪرار وڌي رهيا آهن، عالمي قانون جي کليل خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، انساني بحران وڌندا پيا وڃن، دهشتگردي اڃا به هڪ طاقتور خطرو آهي، غلط معلومات ۽ فيڪ نيوز اعتماد کي مجروح ڪري ٿي، هٿيارن جي بي لغام ڊوڙ ۽ نئين ٽيڪنالاجيز تباهي آڻيندڙ غلطين جي خطري کي وڌائي رهيون آهن ۽ انهن سڀني کان وڌيڪ ماحُلياتي تبديلي اسان جي بقاءَ جي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي. وزيراعظم چيو ته گهڻ رخو نظام اڄ ڪو آپشن نه آهي پر لازمي بڻجي چڪو آهي. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن تي ٻڌل آهي جنهن جو بنياد امن، گڏيل احترام ۽ تعاون آهي، اسان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکون ٿا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال هن ئي فورم تي مون خبردار ڪيو هو ته پاڪستان ڪنهن به ٻاهرئين جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏيندو، اهي لفظ هن سال مئي ۾ ان وقت سچ ثابت ٿيا جڏهن اوڀر محاذ تان اسان تي اشتعال انگيز جارحيت ڪئي وئي، دشمن غرور ۾ آيو ۽ ذلت سان واپس وريو. وزيراعظم چيو ته ڀارت پهلگام واقعي جي غيرجانبداراڻي جاچ جي اسان جي آڇ کي رد ڪري انساني الميي کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪندي اسان جي شهرن ۽ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻايو، جڏهن اسان جي علائقائي سالميت ۽ قومي سلامتي جي خلاف ورزي ٿي ته اسان گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي تحت پنهنجي دفاع جو بنيادي حق استعمال ڪيو، اسان جي بهادر هٿياربند فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ بي مثال پيشيواراڻي صلاحيت، بهادري ۽ دانشمندي جو مظاهرو ڪيو، ايئر چيف مارشل ظهير بابر سڌو جي قيادت ۾ اسان جي شاهينن فضائن ۾ دشمن جي حملي کي شڪست ڏيندي 7 ڀارتي جهازن کي خاڪ بڻائي ڇڏيو، جارحيت ڪندڙن کي اسان جو فيصلائتو جواب تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو، ان فتح جو ڪريڊٽ اسان جي هر آفيسر ۽ جوان ۽ شهيدن جي وارثن ڏانهن وڃي ٿو، انهن جي عظمت امر آهي، اسان جي شهيدن جي مائرن جو حوصلو اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، انهن جي قرباني ڪڏهن به رائيگان نه ويندي، هر پاڪستاني ان صورتحال ۾ هڪ مضبوط ديوار ”بُنيان مرصوص“ بڻجي بيٺل رهيو. وزيراعظم چيو ته اسان طاقت ۾ هجڻ جي باوجود جنگبندي تي راضي ٿياسين جيڪا صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي جرئتمند ۽ دُور انديش قيادت سان ممڪن ٿي، اسان جنگبندي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ٽرمپ ۽ ان جي ٽيم کي ساراهيون ٿا، انهن جي ڪوششن هڪ وڏي خطرناڪ ٽڪراءُ کي ٽاري ڇڏيو، جيڪڏهن هُو وقت سر ۽ فيصلائتي مداخلت نه ڪري ها ته مڪمل جنگ جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هجن ها، صدر ٽرمپ امن جو علمبردار آهي ۽ امن جي لاءِ سندس ڪوششن تي ئي پاڪستان نوبل امن ايوارڊ جي لاءِ ان جو نالو پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چين، ترڪيه، سعودي عرب، قطر، آذربائيجان، ايران، گڏيل عرب امارات ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت پاڪستان جي دوستن ۽ حصيدارن جا ٿورا مڃيا جن نازڪ وقت ۾ پاڪستان جي سفارتي حمايت ڪئي، پاڪستان جنگ کٽي ورتي، هاڻي اسان پوري دنيا ۾ امن کٽڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب معاملن تي جامع ۽ لاڀائتي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ تيار آهي، ڏکڻ ايشيا کي ”اشتعال انگيز“ نه آهي پر ”فعال“ قيادت جي ضرورت آهي، ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم نه رڳو ان معاهدي جي شقن پر عالمي قانون جي پڻ خلاف ورزي آهي، پاڪستان اها ڳالهه پوري طرح واضح ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته اسان پاڻين تي پنهنجي 24 ڪروڙ آبادي جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جو ڀرپور دفاع ڪنداسين، ان معاهدي جي خلاف ورزي اسان جي لاءِ اعلان جنگ جي برابر آهي. وزيراعظم چيو ته هو هن ايوان جي ذريعي ڪشميري عوام کي يقين ڏياري ٿو ته هو انهن سان گڏ بيٺل آهن، پاڪستان انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءَالله جلد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿي ويندو، ڪشميري عوام هڪ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي گڏيل قومن جي نگراني ۾ پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪندو. فلسطين جي حوالي سان وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته فلسطيني عوام جي خراب حالت اسان جي دور جي سڀ کان وڌيڪ دل ڌوڏيندڙ المين مان هڪ آهي، اها ڊگهي ناانصافي عالمي ضمير تي ڌٻو ۽ اسان جي گڏيل اخلاقي ناڪامي آهي، 8 ڏهاڪن کان فلسطيني عوام پنهنجي ملڪ تي اسرائيل جي وحشياڻي قبضي کي حوصلي سان برداشت ڪري رهي آهي، غزه ۾ اسرائيلي جارحيت عورتن ۽ ٻارن تي اهڙو ظلم ڪيو آهي جيڪو شايد ڪڏهن ڏسڻ جي لاءِ نه مليو هجي، اولهندي ڪناري ۾ هر گذرندڙ ڏينهن نئين ڏاڍ آڻي رهيو آهي، غيرقانوني آبادڪار دهشت ڦهلائين ٿا ۽ بنا ڪنهن ڏوهه جي قتل ڪن ٿا، غزه ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ حملن عورتن ۽ ٻارن ۾ ناقابل بيان دهشت ڦهلائي ڇڏي آهي جنهن جو دنيا جي تاريخ ۾ اسان ڪڏهن به مشاهدو نه ڪيو، پنهنجي ڪڌي مقصدن جي انڌي ڊوڙ ۾ اسرائيلي قيادت بيگناهه فلسطينين جي خلاف هڪ شرمناڪ مهم هلائي جنهن کي تاريخ سدائين ڪاري ترين باب طور ياد رکندي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته اسان سڀني ننڍڙي ٻارڙي هند رجب جو هانءُ ڏاريندڙ آواز ٻڌو جيڪا ملبي هيٺ دٻيل هُجڻ جي ڪري زندگي گهُري رهي هئي، ڇا توهان اهو سوچي سگهو ٿا ته اها توهان جي ڌيءَ هجي؟ ڇا توهان اهو سوچي سگهو ٿا ته ان تي رحم نه ڪيو وڃي؟ منهنجو ۽ پوري مسلمان امت جو پر پوري انسانيت جو ڏک اهو آهي ته اسان هند رجب کي بچائي نه سگهياسين جنهن تي هو اسان کي نه رڳو هن دنيا پر اڳئين جهان ۾ پڻ معاف نه ڪندي، جيئن ته چيو وڃي ٿو ته ”سڀ کان ننڍا تابوت سڀ کان وڌيڪ وزني هوندا آهن“، آئون ڄاڻان ٿو ڇو ته تازي ڀارتي جارحيت جي دوران 7 سالا ارتضيٰ عباس جو ننڍڙو تابوت مون به کنيو. وزيراعظم چيو ته اسان کي انهن ٻارن کي ناڪام نه ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي، نه غزه جي ۽ نه دنيا جي ڪنهن ٻئي ڪنڊ جي ٻار کي، اسان کي فوري جنگبندي جو رستو ڪڍڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي ان جي مطالبي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ته 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، فلسطين هاڻي وڌيڪ اسرائيلي زنجيرن ۾ نٿا رهي سگهن، انهن کي آزاد ٿيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 1988ع ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ اولين ملڪن ۾ شامل هو، اسان انهن ملڪن جي آجيان ڪريون ٿا جن تازو ئي فلسطين کي تسليم ڪيو آهي، اسان ٻين ملڪن تي به فلسطين کي تسليم ڪرڻ تي زور ڀريون ٿا ڇو ته وقت ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو. وزيراعظم چيو ته هو صدر ٽرمپ پاران عرب ۽ اسلامي ملڪن کي گڏيل قومن ۾مشاورتي اجلاس جي لاءِ گهرائڻ جي وقت سر قدم تي سندس ٿورائتو آهي، ان سان جنگبندي جي نئين اميد پيدا ٿي، هن امن قدم جو سهرو به صدر ٽرمپ ڏانهن وڃڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل جو دوحه تي تازو حملو ۽ ٻين ملڪن جي خودمختياري جون خلاف ورزيون سندس نه مڃڻ واري رويي جي عڪاسي ڪن ٿيُون. پاڪستان ڀائر ملڪ قطر جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان يوڪرين تڪرار جي پرامن حل جي پڻ حمايت ڪريون ٿا ته جيئن انساني تڪليفن ۽ عالمي بحران ختم ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين ملڪ طور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ 90 هزار جانين جي قرباني ڏئي چڪو آهي جن ۾ اسان جون عورتون، ٻار، بزرگ، ڊاڪٽر، انجنيئرز ۽ ٻيا شامل آهن، نيويارڪ، لنڊن، لاهور ۽ دنيا جي ڪنهن به جاءِ تي ڪنهن جي به زندگي وٺڻ ساڳئي ڳالهه آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اسان جي انهن قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي جي ڪري پاڪستان 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪري چڪو آهي، اڄ اسان کي ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي درپيش آهي، ٽي ٽي پي، فتنه الخوارج، فتنه الهندستان، بي ايل اي ۽ ان جي مجيد برگيڊ جي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اهي گروهه افغان سرزمين تان آپريٽ ٿين ٿا ۽ جعفر ايڪسپريس جهڙن افسوسناڪ حملن جا ذميوار آهن جنهن کي يرغمال بڻايو ويو پر اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري يرغمالين کي آزاد ڪرايو ۽ دهشتگردن کي انهن جي انجام تائين پهچايو. وزيراعظم چيو ته اسان جا سيڪيورٽي ادارا انهن دهشتگردن سان وڙهي رهيا آهن ۽ اسان ان جنگ کي آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکنداسين. هن چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان پاڪستان جو پرامن افغانستان سان سڌوسنئون تعلق آهي، اسان کي ان ڳالهه تي يقين آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جو راز علائقائي استحڪام ۽ رابطي ۾ لڪل آهي، پاڪستان سمورن حصيدارن سان گڏجي انساني بنيادن تي امداد، معاشي بحالي ۽ افغانستان ۾ هڪ جامع سياسي فريم ورڪ جي حوصلا افزائي جي لاءِ مصروف عمل آهي، عبوري افغان حڪومت کي عورتن جي حقن سميت انساني حقن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ۽ اسان اميد ڪريون ٿا ته اها دهشتگرد گروهن جي خلاف موثر ڪارروائي ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته افغان سرزمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي. وزيراعظم چيو ته نفرت انگيز تقرير، امتيازي سلوڪ يا تشدد جي ڪنهن به شخص يا مذهب جي خلاف ڪا گنجائش نه هجڻ گهرجي، هندوتوا تي ٻڌل انتهاپسندي نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي لاءِ خطرو آهي، اسلامو فوبيا جي خطري کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي، پاڪستان ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي جي مقرري جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ماحولياتي بحران سڀ کان فوري عالمي چئلينج آهي، 2022ع ۾ پاڪستان کي شديد ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن جو نقصان 34 ارب ڊالر کان وڌيڪ هو، ان کانسواءِ قيمتي جانيون به ضايع ٿيون، هن سال ٻيهر هڪ وڏي ٻوڏ هزارين ڳوٺ وهائي ڇڏيا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، هڪ هزار کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون ۽ فصل تباهه ٿي ويا، فصلن، چوپائي مال ۽ ملڪيتن جو اربين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي غيرمعمولي سگهه سان ان آفت جو مقابلو ڪري رهيو آهي، حڪومت موسمياتي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، 2022ع ۽ 2025ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ موسمياتي تبديلين جي ڪري آئي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان جو عالمي گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب شديد متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ڪري اسان کي قرض وٺڻا پون ٿا، اهو انصاف نه آهي، قرض معيشت جي لاءِ تباهي آڻيندڙ آهن، اسان ڀرپور محنت ڪنداسين، پنهنجي ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين ۽ پاڪستان کي هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته اسان معيشت جي بهتري جي لاءِ ڍانچاجاتي سڌارا ڪيا آهن، ٽيڪس نظام کي جديد بڻايو آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز، مصنوعي ذهانت ۽ ڪرپٽو کي اختيار ڪيو آهي، انفراسٽرڪچر، توانائي، صنعت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٽيڪنالاجي اسان جون ترجيحون آهن. وزيراعظم چيو ته صدر شي جن پنگ جي تاريخي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ذريعي اسٽريٽجڪ حصيداري اسان جي ترقي ۾ مددگار آهي. هن وڌيڪ منصفاڻي ۽ جامع ترقي جي لاءِ موثر فريم ورڪ جي ذريعي گلوبل گورننس انيشي ايٽو سميت صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ دورانديشي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان تڪرارن جي روڪٿام جي لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ريزيولوشن 2788 جي متفقه منظوري گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي اسان جي گڏيل وابستگي جي تجديد آهي. وزيراعظم يقين ڏياريو ته پاڪستان هڪ فعال گڏيل قومن ۽ تعاون تي ٻڌل گهڻ رخي نظام جي لاءِ سدائين امن، انصاف ۽ ترقي جو علمبردار رهندو جيڪو سڀني جي لاءِ منصفاڻو، ڪارائتو ۽ بهتر هجي. وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي مناسبت سان چيو ته 80هين اجلاس کي رڳو تاريخ جي يادگار نه رهڻ ڏنو وڃي پر اچو اسان ايندڙ 80 سالن جي لاءِ تاريخ ٺاهيون، اسان سڀ گڏجي بهتري جي لاءِ ڪم ڪريون.












