سي پيڪ تحت پاڪ – چين گڏيل تعاون ڪميٽي جو 14 هون اجلاس بيجنگ ۾ شروع

بيجنگ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت پاڪ چين گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 14 هون اجلاس چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ شروع ٿي ويو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن. جي سي سي جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جا وزير، لاڳاپيل وزارتن جا عملدار ۽ مختلف شعبن جا ماهر شامل آهن. اجلاس جي گڏيل صدارت …

بيجنگ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت پاڪ چين گڏيل تعاون ڪميٽي (جي سي سي) جو 14 هون اجلاس چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ شروع ٿي ويو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن. جي سي سي جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جا وزير، لاڳاپيل وزارتن جا عملدار ۽ مختلف شعبن جا ماهر شامل آهن. اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان ۽ چين جي رٿابندي واري وزارت ڪري رهي آهي، رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال کي 14هن جي سي سي اجلاسن مان 11 ۾ شريڪ چيئرمين ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط  اعتماد  وارا لاڳاپا آهن. هن چيو ته سي پيڪ فيز ون ۾ 18 ارب ڊالرن جي ماليت جي 17 منصوبن کي مڪمل ڪيو ويو آهي جن مان 8000 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار ٿي رهي آهي جنهن سان ملڪ ۾ بجلي جي گهٽتائي واري مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. جڏهن ته 888 ڪلوميٽر ڊگهيون شاهراهون مڪمل ڪيو ويون آهن، اسان قراقرم هاءِ وي کي ٿاڪوٽ راءِ ڪوٽ ري الاٽمينٽ منصوبي لاءِ 85 سيڪڙو مالي مدد فراهم ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون. ان منصوبي جو باقي حصو ڀاشا ڊيم جي تعمير کانپوءِ 2028ع ۾ مڪمل ٿيندو، ڪراچي کان پشاور تائين ايم ايل – 1 منصوبو ريلوي کي جديد بڻائڻ جو اهم منصوبو آهي، اسان ان منصوبي لاءِ ملتان روهڙي سيڪشن لاءِ ايشين انفرا اسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ ۽ روهڙي کان ڪراچي تائين جي سيڪشن لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مالي مدد جي تجويز ڏيون ٿا. ان سان ان منصوبي کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. چين جي مالي سهڪار سان گوادر ۾ ايئرپورٽ، اسپتال، وڪيشنل سينٽر، ڊي سيلينيشن پلانٽ ۽ شمسي توانائي جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، مرڪزي ايشيا ۽ نار خطي لاءِ گوادر کي علائقائي لاجسٽڪ طور مارڪيٽ ڪرڻ ايندڙ قدم آهي، اسان گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي فيز 2 جا خواهشمند آهيون ته جيئن ايئرپورٽ کي بندرگاهه سان ڳنڍي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان جي تجويز آهي ته چين جي 50 يونيورسٽين ۾ انجنيئرنگ، مصنوعي ذهانت ۽ ايمرجنگ سائنسز سميت ٻين شعبن ۾ پاڪستاني نوجوانن لاءِ 10هزار پي ايڇ ڊي اسڪالرشپ ڏنيون وڃن. هن چيو ته نوجوانن کي انووينشن سينٽر ۽ چيني ادارن ۾ انٽرنشپس ذريعي تجربي ۽ سکڻ جا نوان موقعا ملندا. هن وڌيڪ چيو ته غريب ضلعن مان غربت ختم ڪرڻ واري چيني ماڊل مان فائدو حاصل ڪيو ويندو، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي روانگي واپار کي چين جي مارڪيٽن تائين آسيان ملڪن جهڙي پهچ ڏني وڃي. جڏهن ته ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ روانگي واپار تي ٻڌل خاص اقتصادي زون قائم ڪرڻ جي تجويز آهي، سي پيڪ 2 جي هر ڪوريڊور کي روانگي واپار جي هدفن سان جوڙيو ويندو. پاڪستان چين ڊجيٽل سلڪ روڊ سان فائيو جي، فائبر ۽ ڊيٽا سينٽر جو قيام عمل ۾ ايندو، اهڙي طرح سي پيڪ تحت گڏيل اي آءِ ۽ ڪوانٽم ليبارٽريون قائم ٿينديون، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2030ع تائين 60 سيڪڙو صاف توانائي حاصل ڪندو، زرعي سڌارن ۽ بجلي تي هلندڙ گاڏين جي منصوبن کي فيز 2 جو حصو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، گرين ڪوريڊور تحت ٻنهي ملڪن جي گڏيل ڪلائيمٽ اينڊ واٽر ريزيليئنس ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيون ٿا، ان سان موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ ۽ ماحول دوست قدمن جي حوالي سان چين جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته چاغي کان گوادر تائين مائننگ ڪوريڊور سان ترقي جو نئون رستو کلندو، اهڙي طرح خنجراب، طورخم ۽ گوادر ۾ بارڊر مارڪيٽس سان واپار ۾ اضافو ٿيندو. احسن اقبال چيو ته گلگت بلتستان ۾ 300 ميگاواٽ سولر منصوبي ذريعي روزاني 1820 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو، سي پيڪ هاڻي حڪومت سان حڪومت نه پر ڪاروبار کان ڪاروبار لاڳاپن تي ٻڌل هوندو، پاڪستان سي پيڪ منصوبن ۽ چين جي عملي جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏي ٿو.