سلووينيا پاران اسرائيلي وزيراعظم تي سفري پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان

ليوبليانا-26 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ملڪ سلووينيا جي حڪومت غزه ۾ جاري جنگ ۽ فلسطيني علائقن لاءِ پاليسين سبب اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي سفري پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلووينيا جي حڪومت سرڪاري بيان ۾ چيو ته هي فيصلو فسلطيني علائقن ۾ عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي رد ڪرڻ جي سلووينيا جي مضبوط موقف جي ڏس ۾ ڪيو ويو …

ليوبليانا-26 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ملڪ سلووينيا جي حڪومت غزه ۾ جاري جنگ ۽ فلسطيني علائقن لاءِ پاليسين سبب اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي سفري پابندي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سلووينيا جي حڪومت سرڪاري بيان ۾ چيو ته هي فيصلو فسلطيني علائقن ۾ عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي رد ڪرڻ جي سلووينيا جي مضبوط موقف جي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي. سلووينيا زور ڀريندي چيو ته نيون پابنديون يورپي يونين جي اسرائيلي حڪومت جي ميمبرن خلاف سخت پاليسي جو حصو آهن. هي يورپي يونين جي سطح تي هڪ غير معمولي قدم آهي. هي قدم غزه ۾ جنگ ۽ فلسطيني علائقن ۾ ان جي پاليسين سبب اسرائيل خلاف هاڻوڪن مهينن ۾ سلووينيا طرفان کنيل قدمن جي سلسلي جي هڪ حصي طور سامهون آيو آهي. گذريل جولاءِ ۾ سلووينيا اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي ٻن اهم شخصيتن، قومي سلامتي جي وزير بن گوير ۽ ناڻي واري وزير بيزالل سموٽريچ تي سندن تقريرن سبب سفري پابنديون لاڳو ڪيون هيون ۽ سندن تقريرن کي ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ نسل پرستي تي ٻڌل قرار ڏنو ويو. آگسٽ ۾ سلووينيا اسرائيل کي هٿيارن جي ايڪسپورٽ تي پابندي جو اعلان پڻ ڪيو هو جنهن کانپوءِ والاريل فلسطيني علائقن ۾ تعمير ڪيل وسندين کان شين جي امپورٽ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. اسرائيل سلووينيا جي قدمن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ انهن کي تعصباڻو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سلووينيا حڪومت مسلسل ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته سندس فيصلا خودمختيار آهن ۽ عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تحت پنهنجي ذميوارين موجب آهن.