اتر ڪوريا جي جهاز اسان جي سامونڊي حدن ۾ مداخلت ڪئي آهي: ڏکڻ ڪوريا جي دعويٰ

سيئول-26 سيپٽمبر (اي پي پي)  ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آهي ته اتر ڪويا جي هڪ واپاري جهاز گذريل ڏينهن صبح جو اتر حد بندي لائين (اين ايل ايل) پار ڪرڻ کانپوءِ واپس اتر طرف مڙي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب فوجي عملدارن ٻڌايو ته جهاز مقامي وقت موجب صبح جو 5 وڳي ڏکڻ ڪوريا جي اولهندي سرحدي ٻيٽ بينگ نيونگ ويجهو داخل ٿيو هو، ڏکڻ ڪوريائي فوج وارننگ …

سيئول-26 سيپٽمبر (اي پي پي)  ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آهي ته اتر ڪويا جي هڪ واپاري جهاز گذريل ڏينهن صبح جو اتر حد بندي لائين (اين ايل ايل) پار ڪرڻ کانپوءِ واپس اتر طرف مڙي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب فوجي عملدارن ٻڌايو ته جهاز مقامي وقت موجب صبح جو 5 وڳي ڏکڻ ڪوريا جي اولهندي سرحدي ٻيٽ بينگ نيونگ ويجهو داخل ٿيو هو، ڏکڻ ڪوريائي فوج وارننگ جاري ڪئي ۽ خبردار ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪي جنهن کانپوءِ جهاز اتر طرف واپس هليو ويو. اتر ڪوريا اتر حدبندي لائين کي سامونڊي سرحد تسليم نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته اها لڪير 1950ع کان 1953ع جي ڪوريائي جنگ جي خاتمي کانپوءِ آمريڪي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ فوج قائم ڪئي هئي. ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف موجب ڏکڻ ڪوريائي فوج پنهنجي تياري جي پوزيشن تي قائم آهي ۽ اين ايل ايل جي تحفظ لاءِ ڪنهن به صورتحال جو ڄمي مقابلو ڪندي.