نيويارڪ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس چيو آهي ته بنگلاديش جي ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جو سبب گذريل سال شاگردن جي احتجاج کانپوءِ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي اقتدار کان بي دخلي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي محمد يونس چيو ته اسان کي ڀارت سان هن وقت مسئلا درپيش …
ڀارت کي شاگردن جي احتجاج جي نتيجي ۾ شيخ حسينه جي اقتدار کان بي دخلي پسند ناهي آئي: پروفيسر محمد يونس
نيويارڪ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس چيو آهي ته بنگلاديش جي ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن جو سبب گذريل سال شاگردن جي احتجاج کانپوءِ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه جي اقتدار کان بي دخلي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڳالهائيندي محمد يونس چيو ته اسان کي ڀارت سان هن وقت مسئلا درپيش آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي حڪمرانن کي اهو پسند نه آيو جيڪو بنگلاديش جي شاگردن ڪيو. هن ڀارتي ميڊيا تي جعلي خبرون پکيڙڻ جو الزام به لڳايو، جيڪي سندن موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيون آهن. چيف ايڊوائيزر چيو ته ڀارت کان ڪيتريون ئي جعلي خبرون اچي رهيون آهن، پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته هي ڪا اسلام پسند تحريڪ آهي. هن چيو ته ڀارت شيخ حسينه جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جنهن مسئلا پيدا ڪيا ۽ اهو ئي ڇڪتاڻ جو اصل سبب آهي.












