رياض-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب فلسطيني اٿارٽي جي مدد لاءِ عالمي اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي عرب ان ذريعي 9 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ٻه رياستي حل تي عالمي اتحاد جي گڏيل اجلاس ۾ واضح ڪيو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو انگ هاڻي 159 کان وڌي چڪو آهي. اها اڳڀرائي سعودي عرب ۽ …
سعودي عرب پاران فلسطيني اٿارٽي جي مدد لاءِ عالمي اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان
رياض-26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب فلسطيني اٿارٽي جي مدد لاءِ عالمي اتحاد قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سعودي عرب ان ذريعي 9 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪندي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ٻه رياستي حل تي عالمي اتحاد جي گڏيل اجلاس ۾ واضح ڪيو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪندڙ ملڪن جو انگ هاڻي 159 کان وڌي چڪو آهي. اها اڳڀرائي سعودي عرب ۽ فرانس جي گڏيل صدارت ۾ منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس کانپوءِ سامهون آئي، جنهن جو مقصد فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل ۽ ٻه رياستي حل تي عملدرآمد آهي. سعودي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته هو آمريڪا سان گڏجي جنگ روڪڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، ۽ اسرائيل سان ڪنهن به قسم جو تعلق ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين آزاد فلسطيني رياست قائم نه ٿئي، هن چيو ته سعودي عرب حصيدارن سان گڏجي جامع ۽ منصفاڻي امن لاءِ ڪوششون ڪندو رهندو.












