واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ٽي وي چينل اي بي سي تي جمي ڪيمل لائيو جي ميزبان ڪندڙ مشهور ڪاميڊين جمي ڪيمل هڪ هفتي جي معطلي بعد واپس شو ۾ اچي ويو آهي ۽ اچڻ سان شو جي ريٽنگ 10 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي بي سي نيٽ ورڪ ٻڌايو ته جمي ڪيمل جي ان شو کي 62 لک 60 …
آمريڪي صدر جي اڻوڻندڙ ڪاميڊين جمي ڪيمل جي معطلي ختم، شو جي ريٽنگ جو نئون رڪارڊ قائم
واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ٽي وي چينل اي بي سي تي جمي ڪيمل لائيو جي ميزبان ڪندڙ مشهور ڪاميڊين جمي ڪيمل هڪ هفتي جي معطلي بعد واپس شو ۾ اچي ويو آهي ۽ اچڻ سان شو جي ريٽنگ 10 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي بي سي نيٽ ورڪ ٻڌايو ته جمي ڪيمل جي ان شو کي 62 لک 60 هزار ماڻهن ڏٺو. اها ان ليٽ نائٽ شو جي سڀ کان وڌيڪ ريٽنگ هئي. عام طور تي 14 لک 20 هزار ماڻهن ان پروگرام جي هڪ قسط کي ڏٺو آهي ، سوشل ميڊيا تي ان شو کي 2 ڪروڙ 60 لک ماڻهن ڏٺو، ان مان هڪ ڪروڙ 53 لک ويوز ايلفابيٽ جي يوٽيوب تي آيا جڏهن ته اربع جي منجهد تائين ميٽا جي انسٽاگرام تي 63 لک ويوز رڪارڊ ڪيا ويا. جمي ڪيمل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ويجهو ساٿي ۽ قدامت پسند ڪارڪن چارلي ڪرڪ جي قتل ۽ ان جي الزام ۾ گرفتار ٿيل شڪي نوجوان بابت 15 سيپٽمبر تي هڪ تبصرو ڪيو هو. مشهور ڪاميڊين چيو هو ته آمريڪا ۾ ڪجهه حلقه ان قتل جو الزام هڪ ٻار تي وجهي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن . هن اهو به چيو ته صدر ٽرمپ چارلي ڪرڪ جي قتل تي هڪ سنجيده اڳواڻ جي حيثيت سان رد عمل جو اظهار ناهي ڪيو پر هو اهڙو رويو اختيار ڪري رهيو هو جيئن ڪو ٻار پنهنجي پسنديده شيءِ نه ملڻ تي ناراض ٿي ويو هجي،ان تبصري بعد کيس کاٻي ڌر جي حامين طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ميڊيا تي تنقيد ۽ ريگوليٽري ڌمڪين بعد جمي ڪيمل جي شو کي گذريل هفتي اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ بند ڪرايو ويو هو . جمي ڪيمل جي ڳالهين ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ايئر فورس ون ميڊيا سان ان بابت ڪيل ڳالهيون به شامل هيون جنهن ۾ آمريڪي صدر چيو هو ته ليٽ نائيٽ شو جي ڪاميڊين وٽ نه ڪو ٽيلنٽ آهي نه ئي ان جي ريٽنگ ايندي آهي. ان بعد جمي ڪيمل مسڪرائيندي چيو ته چڱو مان اڄ رات شو ڪري رهيو آهيان ،ان تي اسٽوڊيو ۾ موجوده مداحن اٿي بيهي تاڙيون وڃايون.












