فرانس ۽ سعودي شراڪتداري سان گڏيل قومن جي 142 ميمبرن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ ووٽ ڏنو: فرانس جو صدر

 پيرس- 26 سيٽمبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون چيو آهي ته فرانس ۽ سعودي عرب جي شراڪتداري سان گڏيل قومن جي 142 ميمبرن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ ووٽ ڏنو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن هڪ خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جي ڪوششن ۽ سهڪار سان ڪاميابي ملي رهي آهي ۽ اهو تاريخي مرحلو آهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ …

 پيرس- 26 سيٽمبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون چيو آهي ته فرانس ۽ سعودي عرب جي شراڪتداري سان گڏيل قومن جي 142 ميمبرن فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ ووٽ ڏنو . پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن هڪ خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو ته سعودي عرب جي ڪوششن ۽ سهڪار سان ڪاميابي ملي رهي آهي ۽ اهو تاريخي مرحلو آهي ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. ان سان سعودي عرب سان گڏ اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن . انهي سبب نيويارڪ ۾ ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ۽ فلسطين معاملي کي حل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو . ايمانويل ميڪرون زور ڀريندي چيو ته نيويارڪ ڪانفرنس جي پڌرنامو سعودي عرب سان مضبوط لاڳاپن جي نتيجي ۾ سامهون آيو ته جيئن غزه ۾ جنگبندي ٿي سگهي. اهو هڪ جامع ۽ قابل عمل فريم ورڪ آهي ، جنهن ذريعي ٻه رياستي حل  لاڳو ٿيڻ ممڪن ٿيندو، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ثمر سڀني کي ملندو . هن چيو ته اهو دستاويز هڪ اهڙي خاڪي جو اظهار آهي جيڪو غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو عزم ظاهر ڪري ٿو ۽ هڪ پرامن ۽ جٽادار حل جي رستي طرف کڻي وڃي ٿو. ان ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ويو ته سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ان جو بنياد گڏيل ترجيحات آهن . خاص طور تي انساني ترقي ، ثقافت، معيشت ، ٽيڪنالاجي ۽ سيڪيورٽي بابت معاهدا ٻنهي وچ ۾ اهم آهن . فرانس جي صدر ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا علائقائي ۽ عالمي استحڪام لاءِ فائديمند آهن .  هن جا اهي خيال سندس جنرل اسيمبلي ۾ تقرير سان گڏ ئي سامهون آيا آهن. جتي هن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان وڏي ٿيندڙ گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.