وزيراعظم پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امن جو علمبردار صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪري ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي ـ سندس قيادت ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا: محمد شهباز شريف قرار

واشنگٽن_ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو علمبردار قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس ڪري ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي. سندس قيادت ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي …

واشنگٽن_ 26 سيپٽمبر ( اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو علمبردار قرار ڏيندي چيو آهي ته سندس ڪري ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي. سندس قيادت ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جو سربراھ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرات پڻ موجود هو. جاري ڪيل بيان موجب ملاقات انتھائي پرجوش انداز ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي "امن جو علمبرادر” قرار ڏيندي دنيا ۾ تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ سندس مخلصاڻين ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن صدر ٽرمپ جي دليراڻي ۽ فيصلي ڪرڻ جي سگھ رکندڙ قيادت جي واکاڻ ڪئي جنهن جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ممڪن ٿي ۽ خطو هڪ وڏي بحران کان بچي ويو. وزيراعظم وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳالھائيندي غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ امن جي قيام لاءِ صدر ڊولڊ ٽرمپ جي ڪوششن خاص طور تي هن هفتي نيويارڪ ۾ مسلم دنيا جي اڳواڻن کي وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاء جامع مشاورت لاءِ دعوت ڏيڻ کي ساراھيو. وزيراعظم هن سال جي شروعات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل واپاري معاهدي تي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائيواري جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته صدر ٽرمپ جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ان موقعي تي هن آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت تعاون وڌائڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي کليل حمايت تي صدر ٽرمپ جا ٿورا ادا ڪيا ۽ سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان مطابق وزيراعظم صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وڏي گرمجوشي سان مناسب وقت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.