اسرائيل غزه ۾ جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي: فلسطيني صدر محمود عباس

گڏيل قومون - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني صدر محمود عباس غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي مختصر پر واضح ورچوئل خطاب ۾ هن چيو ته غزه ۾ جاري ڪارروائي، نسل ڪشيءَ، تباهي، بُک ۽ جبري بي دخلي آهي. هن چيو ته اسرائيل 20 لک کان وڌيڪ …

گڏيل قومون – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) فلسطيني صدر محمود عباس غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي پنهنجي مختصر پر واضح ورچوئل خطاب ۾ هن چيو ته غزه ۾ جاري ڪارروائي، نسل ڪشيءَ، تباهي، بُک ۽ جبري بي دخلي آهي. هن چيو ته اسرائيل 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي بُکيو رکيو آهي ۽ غزه جي 80 سيڪڙو عمارتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جيڪو ڪجهه اسرائيل ڪري رهيو آهي اهو رڳو جارحيت نه آهي پر جنگي ڏوهه ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي، جنهن کي تاريخ ۾ ۽ عالمي ضمير جي عدالت ۾ انساني الميي جي بدترين بابن ۾ لکيو ويندو. آمريڪي ويزا نه ملڻ جي ڪري وڊيو خطاب ڪندڙ فلسطيني صدر کي جنرل اسيمبلي جي تاريخي هال ۾ ڪيترن ئي وفدن پاران تاڙيون وڄائي ساراهيو ويو. هن چيو ته اسرائيل جي اولهندي ڪناري ۾ نئين آبادڪاري جون اسڪيمون ٻه رياستي حل کي ناممڪن بڻائي ڇڏينديون ۽ اهو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف آهي. هن اولهندي ڪناري ۾ آبادڪارن جي پرتشدد رويي کي بي لگام قرار ڏنو ۽ چيو ته اهي گهرن ۽ فصلن کي ساڙين ٿا، وڻ اکاڙي ڇڏين ٿا، ڳوٺن تي حملا ڪن ٿا ۽ معصوم فلسطيني شهرين تي حملا ڪن ٿا. حقيقت اها آهي ته اهي اسرائيلي فوج جي تحفظ ۾ ڏينهن ڏٺي قتل تائين ڪن ٿا. محمود عباس اسرائيلي وزيراعظم جي گريٽر اسرائيل جي بيانن ۽ تازي اسرائيلي حملن کي پوري عرب خطي جي لاءِ خطرو قرار ڏيندي چيو ته اهو سڀ ڪجهه عالمي قانونن جي کليل خلاف وزري آهي جنهن کي روڪڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم ضروري آهن.