نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ تاريخي قونصليٽ جنرل آف پاڪستان ۾ قونصلر سروسز ايريا جو افتتاح ڪيو، جيڪو 1948ع ۾ قائم ٿيو هو ۽ ان جي مرمت تازو ئي مڪمل ٿي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نائب وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنن جي بنيادي ذميواري ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وقار، ڪارڪردگي ۽ بهترين ممڪن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران نيويارڪ ۾ تاريخي قونصليٽ جنرل آف پاڪستان ۾ قونصلر سروسز ايريا جو افتتاح
نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ تاريخي قونصليٽ جنرل آف پاڪستان ۾ قونصلر سروسز ايريا جو افتتاح ڪيو، جيڪو 1948ع ۾ قائم ٿيو هو ۽ ان جي مرمت تازو ئي مڪمل ٿي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نائب وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني مشنن جي بنيادي ذميواري ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وقار، ڪارڪردگي ۽ بهترين ممڪن خدمتن سان پرگهور لهڻ آهي. هن خاص طور تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان حڪومت پاران ڪيل سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ پرڏيهي پاڪستانين لاءِ خاص عدالتن جو قيام، ٻاهرين ملڪن ۾ مشنن مان وڊيو لنڪ ذريعي شاهدين جي رڪارڊنگ، ڪيسن جي اي-فائلنگ، پرڏيهي پاڪستانين کي فائلر طور تسليم ڪندي ٽيڪسيشن ۽ بينڪنگ ۾ سهولت جي فراهمي، يونيورسٽين ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ انهن جي ٻارن لاءِ مخصوص ڪوٽا، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ سهولت آفيسن جو قيام، ايئرپورٽن تي گرين چينل جي سهولت جي بحالي ۽ 126 ملڪن لاءِ پهچڻ کان اڳ ويزا ڪيٽيگري جاري ڪرڻ شامل آهن. سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستاني برادري کي بنا رنڊڪ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائيندي قونصل خاني جي تاريخي اڱڻ جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪرڻ تي قونصل جنرل ۽ سندس ٽيم جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي قونصل جنرل امير احمد اتوزئي نائب وزيراعظم جي موجودگي ۽ رهنمائي لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستاني برادري کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قونصل خاني پاران کنيل قدمن جو ذڪر ڪيو. انهن ۾ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي هيلپ لائن جو آغاز، پنجاب لينڊ رڪارڊ ڪياسڪ جو قيام، ٽيليفون ايڪسچينج ۽ ڪال مئنيجمينٽ سسٽم جي اپ گريڊيشن، قونصل خاني جي نئين ويب سائيٽ جو آغاز، نادرا ڊيسڪ ذريعي لاڳاپيل سهولتن جي فراهمي، آن لائن پاور آف اٽارني، آن لائن اپائنٽمينٽ سسٽم، اي-ڪورٽ ۽ سماجي-ثقافتي سرگرميون شامل آهن. بحال ٿيل قونصلر سروسز ايريا جو افتتاح پرڏيهي پاڪستاني برادري کي بهترين ممڪن خدمتن جي فراهمي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.












