گڏيل قومون-25 سيپٽمبر(اي پي پي)گ ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو قاعدن ۽ ضابطن جي بغير استعمال خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت هاڻي ڪو مستقبل جو خواب ناهي پرموجوده حقيقت آهي، جيڪا زندگي جي هر شعبي، معلوماتي نظام ۽ عالمي معيشت کي …
مصنوعي ذهانت جو استعمال قاعدن ۽ ضابطن بنان خطري جو سبب آهي: گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-25 سيپٽمبر(اي پي پي)گ ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو قاعدن ۽ ضابطن جي بغير استعمال خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب سيڪريٽري جنرل ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت هاڻي ڪو مستقبل جو خواب ناهي پرموجوده حقيقت آهي، جيڪا زندگي جي هر شعبي، معلوماتي نظام ۽ عالمي معيشت کي تيزي سان بدلائي رهي آهي. هن خبردار ڪيو ته ان ٽيڪنالاجي کي مناسب قاعدن ۽ ضابطن کانسواءِ استعمال ڪيو ويو ته اهو خطرناڪ هٿيار بڻجي سگهي ٿو. هن زور ڀريو ته انسان کي هر صورت ۾ زندگي ۽ موت بابت فيصلن تي اختيار هجڻ گهرجي ۽ خطرناڪ خودڪار هٿيارن تي پابندي لاءِ 2026ع تائين هڪ قانوني معاهدو جوڙڻ گهرجي، وقت تيزي سان گذري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن عالمي برادري فوري قدم نه کنيا ته اي آءِ جي رُخ جو اندازو لڳائڻ مُشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته انساني وقار ۽ عالمي امن لاءِ اسان کي جوڳا قدم کڻڻا پوندا ته جئين اي آءِ انسانيت جي خدمت ڪري ۽ نقصان نه پهچائي.










