آستانه-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قازقستان مان آمريڪا لاءِ ڪڻڪ جي اٽي جي پهرين آزمائشي کيپ نيويارڪ پهچي وئي. ذريعن موجب قازقستان ٽيمز زولي ( ڪي ٽي زيڊ ) جي ماتحت ڪمپني ڪي ٽي زيڊ ايڪسپريس آمريڪا لاءِ پهريون ڀيرو قازقستاني اٽي جي آزمائشي برآمدي کيپ پهچائي آهي. ڪي ٽي زيڊ جي پريس سروس مطابق مقامي ڪمپني ” سلامت ڪمپني ايل ايل پي “ جي تيار ڪيل يوريشئن ليگيسي برانڊ …
قازقستان مان ڪڻڪ جي اٽي جي پهرين کيپ آمريڪا پهچي وئي

مزید خبریں
آستانه-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قازقستان مان آمريڪا لاءِ ڪڻڪ جي اٽي جي پهرين آزمائشي کيپ نيويارڪ پهچي وئي. ذريعن موجب قازقستان ٽيمز زولي ( ڪي ٽي زيڊ ) جي ماتحت ڪمپني ڪي ٽي زيڊ ايڪسپريس آمريڪا لاءِ پهريون ڀيرو قازقستاني اٽي جي آزمائشي برآمدي کيپ پهچائي آهي. ڪي ٽي زيڊ جي پريس سروس مطابق مقامي ڪمپني ” سلامت ڪمپني ايل ايل پي “ جي تيار ڪيل يوريشئن ليگيسي برانڊ جي 50 ٽن اٽي کي ڪوستانائي کان نيويارڪ پهچايو ويو. قازقستان اختيارين اعلان ڪيو ته مستقبل ۾ آمريڪا کي هر مهيني آٽي جي فراهمي ۾ نمايان اضافو ڪيو ويندو. ان کان اڳ اطلاع ڏنو ويو هو ته قازقستان آمريڪي فوڊ مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مقامي طورتي تيار ڪيل آٽي جي روانگي واپار جو منصوبو بڻايو آهي.










