موسمياتي بحران جي شدت ۾ اضافو جاري، دنيا کي فوري طور تي جرئت مندي وارا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: گڏيل قومون

گڏيل قومون-25 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي بحران جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ دنيا کي فوري طور تي جرئت مندي وارا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه عالمي اداري جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش يو اين هيڊ ڪوارٽر ۾ موسمياتي تبديلين سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اعلى سطح جي اجلاس کي خطاب دوران چئي. انتونيو گوتريش چيو …

گڏيل قومون-25 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته موسمياتي بحران جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ دنيا کي فوري طور تي جرئت مندي وارا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه عالمي اداري جي جنرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش يو اين هيڊ ڪوارٽر ۾ موسمياتي تبديلين سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اعلى سطح جي اجلاس کي خطاب دوران چئي. انتونيو گوتريش چيو ته جيتوڻيڪ پيرس معاهدي بعد گرمي پڌ ۾ اضافي جي رفتار ڪجهه گهٽ ٿي آهي پر موجوده وعدو ڪافي ناهي، هاڻي 2035ع تائين  لاءِ نوان ۽ سخت ماحولياتي هدف طئه ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي . گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چين ۽ ڀارت جهڙن ملڪن جي وقت کان اڳ ڪاميابين کي ساراهيو . هن توانائي، ميٿين گيس، ٻيلن، صنعت ۽ ماحولياتي انصاف کي ترجيحي قدمن جي لسٽ ۾ شامل ڪندي زور ڀريو ته اسرندڙ ملڪن کي مالي سهڪار فراهم ڪرڻ کانسواءِ موسمياتي  هدف حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي. اهو اجلاس ڪوپ 30 ڪانفرنس جي تياري جو حصو آهي جيڪو نومبر 2025ع ۾ برازيل جي شهر بيلم  ۾ منعقد ٿيندو جتي سمورن ملڪن کي نوان قومي وعدا (اين ڊي سيز ) پيش ڪرڻا پوندا.

مزید خبریں