نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. انهن اقتصادي تعاون، علائقائي رابطن، گهڻ طرفي فورمن تي تعاون ۽ امن لاءِ گڏيل عزم تي ڌيان ڏيندي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي عزم کي ورجايو. انهن اقتصادي تعاون، علائقائي رابطن، گهڻ طرفي فورمن تي تعاون ۽ امن لاءِ گڏيل عزم تي ڌيان ڏيندي مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. انهن غزه جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري طور تي جنگ بندي ۽ انساني مدد جي ضرورت کي ورجايو.










