وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس ۾ مُلاقات

نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس گهڻ طرفي تعاون، خاص طور تي واپار، علائقائي سطح تي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس …

نيويارڪ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس گهڻ طرفي تعاون، خاص طور تي واپار، علائقائي سطح تي تعاون ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خوشگوار ماحول ۾ گرمجوشي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ ۽ گهڻ رُخي تعاون خاص طور تي واپار، علائقائي تعاون ۽ ٻنهي مُلڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل احترام، رواداري، اعتماد ۽ علائقائي تعاون ۽ ترقي جهڙن گڏيل مقصدن تي ٻڌل پاڪستان ۽ بنگلاديش جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي به ورجايو. ان موقعي تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر ٻطرفي سفارتي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ عالمي ۽ علائقائي سطح تي پاڪستان جي ڪردار کي خوش آئينده قرار ڏيندي گڏيل واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ دوستاڻي ۽ گرم جوش انداز ۾ ٿيندڙ اها مُلاقات ملاقات ٻنهي ملڪن جي ننڍي کنڊ ۽ خطي جي استحڪام ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جي عڪاس آهي.
 
مزید خبریں