نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي تي ٻڌل وسيع البنياد معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس (يو اين جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي برطانيا جي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي تي ٻڌل وسيع البنياد معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس (يو اين جي اي 80) جي موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير يويٽ ڪوپر سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي تي ٻڌل وسيع البنياد معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي پراڻي حصيداري لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عالمي فورمز تي تعاون شامل آهي. ڌرين خطي ۽ دنيا ۾ تازن واقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ۽ برطانيا جي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوام سان عوام جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو.










