نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ اسرندڙ ملڪن جي اهم مسئلن تي گروپ جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي ساراهيندي چيو …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ اسرندڙ ملڪن جي اهم مسئلن تي گروپ جي اتحاد ۽ يڪجهتي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان گلوبل سائوٿ جي گڏيل مفادن جي فروغ ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم ۽ ان جي ٻاهر اسرندڙ دنيا جي حق ۾ آواز بلند ڪرڻ ۽ انهن جي گڏيل مفادن جي دفاع جي لاءِ سدائين حصيدار جي طور تي موجود رهندو.

مزید خبریں