گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي آمريڪا، 8 عرب ملڪن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جو اهم اجلاس

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي يو اين هيڊڪوارٽرز ۾ آمريڪا، 8 عرب ملڪن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جو گهڻ رخو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن غزه جي پٽيءَ ۾ ناقابل برداشت صورتحال، انساني الميي ۽ وڏي جاني نقصان، خطي تي ان جي سنگين اثرن ۽ مجموعي …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي يو اين هيڊڪوارٽرز ۾ آمريڪا، 8 عرب ملڪن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جي اڳواڻن جو گهڻ رخو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن غزه جي پٽيءَ ۾ ناقابل برداشت صورتحال، انساني الميي ۽ وڏي جاني نقصان، خطي تي ان جي سنگين اثرن ۽ مجموعي طور تي مسلمان دنيا تي ان جي اثرن کي اجاگر ڪيو. هنن جبري بي دخلي کي رد ڪرڻ جي گڏيل موقف ۽ بي گهر ٿيندڙن جي واپسي ۽ فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اهو اجلاس آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دعوت تي گهرايو ويو. اجلاس جي گڏيل ميزباني صدر ٽرمپ ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ڪئي. اجلاس ۾ اردن جي فرمانروا شاهه عبدالله ٻه، جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، انڊونيشيا جي صدر پرابوو سبيانتو، پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف، مصر جي وزيراعظم مصطفيٰ ڪمال مدبولي، گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پڻ شرڪت ڪئي. عرب ۽ او آءِ سي ملڪن جي اڳواڻن ان اهم اجلاس منعقد ڪرڻ تي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا. هنن غزه جي پٽيءَ ۾ ناقابل برداشت صورتحال، انساني الميي ۽ وڏي جاني نقصان، خطي تي ان جي سنگين اثرن ۽ مجموعي طور تي مسلمان دنيا تي ان جي اثرن کي اجاگر ڪيو. هنن جبري بي دخلي کي رد ڪرڻ جي گڏيل موقف ۽ بي گهر ٿيندڙن جي واپسي جي ضرورت تي زور ڏنو. مسلمان ملڪن جي اڳواڻن جنگ جي خاتمي ۽ فوري جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان يرغمالين جي آزادي يقيني بڻائي سگهبي، انساني امداد جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي اجازت هجڻ گهرجي ته جيئن هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن طرف پهريون قدم کڻي سگهجي. هنن صدر ٽرمپ سان تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ جنگ جي خاتمي ۽ هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي لاءِ سندس قيادت جي اهميت تي زور ڏنو. مسلمان ملڪن جي اڳواڻن هڪ اهڙي منصوبي جا تفصيل طئي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو استحڪام کي يقيني بڻائي، خاص طور تي اولهندي ڪناري ۽ يروشلم جي مقدس جاين ۾ امن ۽ استحڪام کي مٿانهون رکي. هنن فلسطيني اٿارٽي جي سڌارن جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غزه جي نئين سر تعمير جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙيو وڃي جيڪو عرب ۽ او آءِ سي جي منصوبي تي ٻڌل هجي ۽ جنهن ۾ سلامتي جي انتظامن سان گڏوگڏ عالمي تعاون جي ذريعي فلسطيني قيادت کي مدد فراهم ڪئي وڃي. هنن ان ڳالهه جو عزم ڪيو ته گڏجي ڪم ڪيو ويندو ته جيئن انهن منصوبن کي ڪامياب بڻائي سگهجي ۽ غزه جي فلسطيني عوام جون زندگيون ٻيهر بحال ڪري سگهجن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جي اهميت تي زور ڏنو ته هن اجلاس جي جذبي کي برقرار رکيو وڃي ته جيئن هي هڪ اهڙي عمل جي شروعات هجي جيڪو خطي ۾ امن ۽ تعاون جي مستقبل طرف صحيح رستو فراهم ڪري. اجلاس ۾ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، پاڪستان ۽ اردن جي نائب وزيراعظمن ۽ ترڪيه، مصر ۽ انڊونيشيا جي پرڏيهي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ٽرمپ سان گڏ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، ناڻي ۽ وچ اوڀر وارو خصوصي ايلچي اسٽيوو ٽڪوف پڻ موجود هو.

مزید خبریں