وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي وزيراعظم جي سربراهي ۾ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي سربراهي ۾ عالمي ترقياتي قدم (جي ڊي آءِ) جي ”پنهنجي اصل امنگن جي تجديد ڪريو، ترقي جي روشن مستقبل جي تعمير جي لاءِ متحد ٿيو“ جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيني وزيراعظم سان ملاقات ۽ غيررسمي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي سربراهي ۾ عالمي ترقياتي قدم (جي ڊي آءِ) جي ”پنهنجي اصل امنگن جي تجديد ڪريو، ترقي جي روشن مستقبل جي تعمير جي لاءِ متحد ٿيو“ جي موضوع تي منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيني وزيراعظم سان ملاقات ۽ غيررسمي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم عالمي ترقياتي قدم جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، ان موقعي تي وزيراعظم چين جي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي وچ ۾ غيررسمي ڳالهه ٻولهه ٿي، اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ موجود گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان پڻ وزيراعظم جي ملاقات ٿي. وزيراعظم جي اجلاس ۾ شرڪت پاڪ چين مثالي دوستي ۽ ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿي. گذريل مهيني پنهنجي چين جي دوري دوران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ جي جي ڊي آءِ جي ويزن کي ساراهيو هو ۽ ان کي خطي ۽ عالمي سطح تي پائيدار ترقي جي حوالي سان هڪ اهم قدم قرار ڏنو هو.

مزید خبریں