وزيراعظم پاران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

نيويارڪ - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …

نيويارڪ – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان جي علائقي درابن ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 13 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2023ع ۾ درابن ۾ خودڪش حملي جي معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ دهشتگردن کي هن تازي آپريشن ۾ ڪاميابي سان جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ سمورا حڪومتي ادارا مڪمل طور تي متحرڪ آهن.

مزید خبریں