اسلام آباد - 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي جي رابطا گروپ جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته افغانستان جدا نه ٿو رهي سگهي، او آءِ سي جا ميمبر …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي جي رابطا گروپ جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته افغانستان جدا نه ٿو رهي سگهي، او آءِ سي جا ميمبر ملڪ افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي محفوظ بڻائين، واپار ۽ بئنڪنگ جي نظام کي بحال ڪن، علائقائي رابطن ۾ اضافو ڪن ۽ عالمي ذميوارين جي تعميل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏين. نائب وزيراعظم افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروپن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي خبردار ڪيو ته ان سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو آهي. هن افغان عملدارن تي زور ڏنو ته اهي سرحد پار دهشتگردي جي خلاف ٺوس ۽ تصديق جوڳي ڪارروائي ڪن. نائب وزيراعظم افغانستان جي استحڪام جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ماهرن جو ورڪنگ گروپ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته پائيدار امن جي لاءِ خلوص، گڏيل احترام ۽ سياسي عزم جي ضرورت آهي.










