گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس جي پهرين ڏينهن 30 کان وڌيڪ ملڪن جي سربراهن خطاب ڪندي فلسطين جي رياست قائم ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي سميت هڪجهڙي نظام ۽ سلامتي ڪائونسل جي سڌارن جهڙن اهم مسئلن تي ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي ميڊيا موجب برازيل جي صدر لولاڊا سلوا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جو گهڻ رخو نظام هڪ نئين موڙ …
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس شروع، عالمي اڳواڻن پاران فلسطيني رياست قائم ڪرڻ، موسمياتي تبديلي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي بهتر حل جي ضرورت تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80 هين اجلاس جي پهرين ڏينهن 30 کان وڌيڪ ملڪن جي سربراهن خطاب ڪندي فلسطين جي رياست قائم ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي سميت هڪجهڙي نظام ۽ سلامتي ڪائونسل جي سڌارن جهڙن اهم مسئلن تي ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي ميڊيا موجب برازيل جي صدر لولاڊا سلوا اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جو گهڻ رخو نظام هڪ نئين موڙ تي بيٺل آهي ۽ گڏيل قومن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن. هن عالمي سياست ۾ خودمختياري تي حملن، هڪطرفين پابندين ۽ مداخلت تي تنقيد ڪندي ان کي هڪ معمول بڻيل روش قرار ڏنو. فلسطيني عوام جي حالتن تي ڳالهائيندي هن خبردار ڪيو ته فلسطيني قوم جي وجود کي خطرو آهي ۽ ان جو حل صرف هڪ آزاد رياست جي قيام ۾ آهي جيڪا عالمي برادري جو حصو هجي. پيرو جي صدر دينا بولوارٽي به گهڻ رخي نظام جي حمايت ڪئي ۽ گڏيل قومن ۾ موثر سڌارن جو مطالبو ڪيو ته جيئن جمهوريت، قانون جي حڪمراني، موسمياتي تبديلي ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جو بهتر حل ڪڍي سگهجي. قازقستان جي صدر قاسم جورمارت يوقايف عالمي برادري تي زور ڀريو ته گڏيل قومن کي موثر بڻائڻ لاءِ ان جي نظام خاص ڪري سلامتي ڪائونسل جا جامع سڌارا ڪيا وڃن ته جيئن وڌندڙ عالمي اعتماد جو ازالو ٿي سگهي. انڊونيشيا جي صدر پربوو سبيانتو ماحولياتي تبديلين جي سنگين اثرن تي روشني وڌي، هن چيو ته انڊونيشيا جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ نما ملڪ آهي، پهرين ئي سمنڊ جي سطح ۾ اضافي جهڙن خطرن جي ور چڙهيل آهي، هن واضح ڪيو ته انڊونيشيا فوسل ٻارڻ کان هٽي ڪري قابل تجديد توانائي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ 2060ع تائين زهريلي گئسن جو نيڪال ٻڙي تائين جو هدف حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ان جي ابتڙ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ماحولياتي پاليسين تي تنقيد ڪندي ڪاربن جي اثرن کي هڪ دوکو قرار ڏنو جڏهن ته چلي جي صدر گيبريل بوريچ سندس ڳالهه کي ڪوڙ قرار ڏيندي چيو ته عالمي گرمي پد کان انڪار ڪا راءِ ناهي پر ڪوڙ آهي. تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان پنهنجي ملڪ ۾ ماحولياتي چئلينجز تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي 14 هزار گليشيئرز مان 1300 مڪمل طور تي پگهرجي چڪا آهن ۽ هي عمل تيزي سان جاري آهي. ٻئي طرف ڏکڻ آفريقا جي صدر سيرل رامافوسا پائيدار ترقي ۽ عالمي امن لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته آفريقا هڪ اڀرندڙ وڏو کنڊ آهي پر اسرندڙ ملڪن کي مالي وسيلن جي کوٽ درپيش آهي، ايستائين جو هو صحت ۽ تعليم کان وڌيڪ قرضن جي ادائيگي تي خرچ ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي وئي آهي جنهن کي بي چيني ۽ مسلسل انساني اذيت پنهنجي گهيري ۾ آڻي رکيو آهي، عالمي قانونن تي ٻڌل امن انسانيت جي اولين ذميواري آهي، انساني حق امن جي زينت نه پر ان جا بنياد آهن، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس 29 سيپٽمبر تائين جاري رهندو جنهن ۾ سڄي دنيا کان 150 کان وڌيڪ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه اهم عالمي معاملن تي پنهنجا خيال پيش ڪندا.










