نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا جي ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ-24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم آپريشن کي آسان بڻائڻ ۽ نجي شعبي جي وسيلن کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي عالمي بينڪ کي هڪ تيز ۽ وڌيڪ موثر ترقياتي حصيدار بڻائڻ تي جي اجي بنگا جي قيادت جي واکاڻ ڪئي. هن خاص طور تي ڪووڊ 19 جي عالمي وبا ۽ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران پاڪستان لاءِ عالمي بينڪ جي وڏي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عالمي بينڪ جي صدر کي حڪومت جي جامع سڌارن جي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو، جنهن ۾ وسيلن جي متحرڪ ڪرڻ، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا، نجڪاري ۽ موسمياتي تبديلين کان بچڻ جي حوالي سان قدم شامل آهن. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته سڌارن جي ايجنڊا پاڪستان کي ميڪرو معاشي استحڪام طرف وٺي وئي آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ۽ پائيدار ۽ جامع اقتصادي ترقي کي فروغ ڏنو آهي. وزيراعظم عالمي بينڪ جي نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ ( 2035_2026ع) جي پڻ واکاڻ ڪئي جنهن تحت عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 40 ارب ڊالر جو تاريخي ۽ بي مثال واعدو ڪيو آهي. وزيراعظم ان جي اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان ويجهن رابطن جي وفاقي حڪومت جي عزم کي ورجايو، عالمي بينڪ جي صدر پاڪستان جي سڌارن جي قدمن جي واکاڻ ڪندي پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا جي لاءِ بينڪ طرفان تعاون جي عزم کي ورجايو. هن اقتصادي سڌارن جي فروغ ۽ سي پي ايف تحت موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڊگهي مدت ۽ پائيدار قدمن جي فروغ جي لاءِ مُسلسل تعاون وڌائڻ جي حوالي سان بينڪ جي ڀرپُور عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ورلڊ بينڪ گروپ جي صدر اجي بنگا پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.










