جي 7 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس، روس خلاف نئيون پابنديون لاڳو ڪرڻ تي غور

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اسريل ملڪن جي گروپ جي 7 روس خلاف نئيون پابنديون  لاڳو ڪرڻ تي غور  ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي 80 اجلاس جي موقعي تي جي 7 جي پرڏيهي وزيرن جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزيرن هڪ مستحڪم، خوشحال يوڪرين جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ تي زور …

گڏيل قومون-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اسريل ملڪن جي گروپ جي 7 روس خلاف نئيون پابنديون  لاڳو ڪرڻ تي غور  ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي 80 اجلاس جي موقعي تي جي 7 جي پرڏيهي وزيرن جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ چئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزيرن هڪ مستحڪم، خوشحال يوڪرين جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ تي زور ڀريو ۽ آمريڪا سان گڏجي يوڪرين کي مضبوط ۽ اعتماد جوڳي سلامتي جي ضمانت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن روس تي اقتصادي دٻاءُ وڌائڻ  جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪيون . گرو سيون جي مالياتي وزيرن پڻ روسي خودمختيار اثاثن کي يوڪرين جي مدد لاءِ استعمال ڪرڻ جي موضوع تي ڳالهيون ڪيون . اهي سمورا قدم روس خلاف عالمي اقتصادي سياسي دٻاءُ وڌائڻ وارين ڪوششن جو حصو آهن.

مزید خبریں