فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن ۽ عالمي نظام جي ساک جو امتحان آهي، انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي برابر آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن ۽ عالمي نظام جي ساک جو امتحان آهي، انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي برابر آهي، غزه ۾ 63 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، او آءِ سي غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط ۽ مستقبل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن ۽ عالمي نظام جي ساک جو امتحان آهي، انصاف ۾ دير انصاف کان انڪار جي برابر آهي، غزه ۾ 63 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، او آءِ سي غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط ۽ مستقبل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ جبري بي دخلي روڪرائڻ ۽ غيرقانوني بستيون ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي فلسطين بابت 6 رڪني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ڪئي، جنهن ۾ ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين مسئلو او آءِ سي جي ايجنڊا جو مرڪز آهي، آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين غزه ۾ 63 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 94 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. هن چيو ته اسرائيلي جارحيت دوران گهرن، اسپتالن، اسڪولن، امدادي قافلن ۽ پناهگاهن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته انصاف جي عالمي عدالت ان صورتحال کي ”ممڪن نسل ڪشيءَ“ قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ آءِ سي جي پاران ڪيترائي ڀيرا مطالبن جي باوجود اسرائيل جنگبندي کان انڪار ڪيو آهي ۽ عالمي قانونن جي مسلسل خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته گڏيل سزا، بمباري، جبري بي دخلي، بُک ۽ انساني امداد جي روڪٿام ڪنهن طور قابل قبول نه آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته او آءِ سي کي انهن نقطن تي فوري قدم کڻڻو پوندو جن ۾ فوري، غيرمشروط ۽ مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ يو اين آر ڊبليو اي جي لاءِ عالمي تعاون ۾ اضافو، جبري بي دخلي روڪرائڻ ۽ غيرقانوني بستين جو خاتمو، 1967ع کانپوءِ قبضي ۾ ورتل زمينن ۽ اثاثن جي واپسي، بي دخل فلسطينين جي واپسي جي حق جي ضمانت، قابض فوج جي جنگي ڏوهن تي جوابداهي ۽ نقصانن جو ازالو، آءِ سي جي جي سمورن فيصلن تي عملدرآمد، غزه جي لاءِ او آءِ سي ۽ عرب دنيا جي نئين سر تعمير منصوبي تي عملدرآمد، فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ عالمي حفاظتي نظام جي مقرري، 1967ع جي سرحدن موجب آزاد فلسطيني رياست جو قيام، القدس الشريف کي گادي وارو شهر بڻائڻ ۽ فلسطين جي گڏيل قومن ۾ مڪمل ميمبرشپ جي لاءِ ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته 2025 – 2026ع جي لاءِ سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انصاف کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته فلسطين جو مسئلو گڏيل قومن ۽ عالمي نظام جي ساک جو امتحان آهي. انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار آهي ۽ جڏهن انصاف نسل درنسل نه ملي ته امن جا بنياد لُڏي وڃن ٿا. فلسطيني عوام کي آزادي، خودمختياري ۽ رياستي وقار ڏيڻ لازمي آهي.

مزید خبریں