وزيراعظم  شهباز شريف جي ڪويت جي ولي عهد سان ملاقات، ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، لائيو اسٽاڪ، افرادي قوت جي برآمد ۽ صحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻا، تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، لائيو اسٽاڪ، افرادي قوت جي برآمد ۽ صحت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻا، تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح سان ٻطرفي ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح جي لاءِ احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ڪويت پاران يڪجهتي جي اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي حوالي سان مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم پاڪستان جي ڪويت سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت، لائيو اسٽاڪ، افرادي قوت جي برآمد ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي آخر ۾ ڪويت جي ولي عهد جي پاڪستان جي سرڪاري دوري ۽ سندس ميزباني جو منتظر آهي، جنهن جي لاءِ تاريخون سفارتي ذريعن سان طئي ڪيون پيون وڃن. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪويت جي ولي عهد عالمي برادري آڏو فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن کي موثر انداز ۾ بي نقاب ڪرڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي تعاون جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں