دنيا کي گڏجي دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت ٻين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري قدم کڻڻ لازمي آهي: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ

نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته دنيا کي گڏجي دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت ٻين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري قدم کڻڻ لازمي آهي، غزه ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هن وقت دنيا کي ڪيترائي مسئلا …

نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته دنيا کي گڏجي دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت ٻين چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو، فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري قدم کڻڻ لازمي آهي، غزه ۾ انساني بحران جي خاتمي لاءِ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هن وقت دنيا کي ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، اهڙي وقت ۾ ڪو به ملڪ جنگين ۽ تڪرارن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، جنگين ۽ تڪرارن جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، آمريڪا به دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته مون پاڪستان ڀارت سميت 7 جنگيون روڪرايون جنهن سان لکين زندگيون محفوظ ٿيون جنهن تي مون کي فخر آهي، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، تڪرارن جو حل امن معاهدن ۽ سفارتي طريقن سان ئي ممڪن آهي، ڪشمير مسئلي ۽ ٻين تڪرارن تي ڳالهه ٻولهه ضروري آهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کانسواءِ عالمي امن ناممڪن نه آهي، وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ آمريڪا جي ترجيح آهي ۽ آمريڪا ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو، ڀارت کي به گهرجي ته خطي ۾ امن جي لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. هن چيو ته غزه ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري قدم لازمي آهن، غزه ۾ انساني بحران جي خاتمي جي لاءِ فوري جنگبندي ٿيڻ گهرجي. آمريڪي صدر چيو ته اقتدار ۾ اچي مهانگائي کي شڪست ڏئي عوام کي فائدو پهچايو، آمريڪا هاڻي ڪنهن جي به جنگ نه وڙهندو ۽ دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.

مزید خبریں