نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد …
وزيراعظم شهباز شريف جي جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر سان ملاقات

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسٽين اسٽاڪر جي ملاقات ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان پاران آسٽريا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن واپار، سياحت، موسمياتي تبديلي ۽ تعليم کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثبت تعاون جي ممڪن امڪانن جي طور تي اجاگر ڪيو ۽ ٻطرفي واپاري لاڳاپن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. آسٽريا جي چانسلر ملاقات تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ڪيو.










