نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دين اسلام، تاريخ، ڀائيچاري ۽ اعتماد جي بنياد تي ٻڌل لاڳاپا سدائين قائم رهندا. سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان ٽيليويزن تي عربي زبان ۾ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد …
وزيراعظم شهباز شريف پاران سعودي عرب سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دين اسلام، تاريخ، ڀائيچاري ۽ اعتماد جي بنياد تي ٻڌل لاڳاپا سدائين قائم رهندا. سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان پاڪستان ٽيليويزن تي عربي زبان ۾ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران هو خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن کي سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي انتهائي گرمجوشي سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن رياض جي تازي تاريخي دوري دوران کيس ۽ پاڪستاني وفد کي ملندڙ والهاڻي استقبال ۽ محبت سان ڀرپور مهمان نوازي کي پنهنجي لاءِ انتهائي خوشي ۽ افتخار جو سبب قرار ڏيندي چيو ته هو پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن جا هڪ ڀيرو ٻيهر دل جي گهرائين سان ٿورا ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستاني عوام به مون سان گڏ شاهه سلمان ۽ شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورا ادي ڪري ٿي ته اسان جو دورو بي مثال محبت ۽ يادگار لمحن سان ڀرپور رهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا دين اسلام، تاريخ، ڀائيچاري ۽ اعتماد جي بنياد تي قائم آهن جيڪي سدائين قائم رهندا، اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي سعودي عرب جي عظيم الشان ترقياتي سفر تي فخر ڪريون ٿا جيڪو شهزاده محمد بن سلمان جي بصيرت افروز قيادت ۾ جاري آهي. هن چيو ته اڄ سعودي عرب عالمي برادري ۾ جنهن بلند مقام تي آهي اهو ان بصيرت ۽ دانشمندي جو روشن مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مئي 2025ع ۾ ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران سعودي قيادت ۽ عوام پاران يڪجهتي جي اظهار کي پاڪستاني قوم سدائين ياد رکندي، پاڪستاني عوام سعودي عرب جي معاشي تعاون کي پڻ وساري نه ٿي سگهي جنهن جي ڪري اسان جي معيشت کي سهارو مليو. هن چيو ته لکين پاڪستاني سعودي عرب کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا ۽ اتان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سرگرم عمل آهن، پاڪستاني برادري جون سعودي عرب ۾ خدمتون ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن، خوشحالي ۽ ترقي جو سبب آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي آئون پاڪستان پاران اهو عزم ورجايان ٿو ته اسان ان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي عرب کي سدائين ترقي ۽ عظمت سان نوازي.










