سعودي عرب جو مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ لاڏاڻو ڪري ويو

رياض-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جو مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي ديوان شاهي طرفان ڪالهه مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي جو اعلان ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ڪالهه ادا ڪئي وئي. مرحوم کي 1999ع ۾ سعودي عرب جي مفتي اعظم جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو …

رياض-23 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جو مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب جي ديوان شاهي طرفان ڪالهه مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي جو اعلان ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ڪالهه ادا ڪئي وئي. مرحوم کي 1999ع ۾ سعودي عرب جي مفتي اعظم جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. هن مملڪت ۾ اعليٰ ترين مذهبي اسڪالر طور خدمتون انجام ڏنيون ۽ شريعت جي تشريح، قانوني ۽ معاشرتي معاملن تي فتويٰ جاري ڪيا. مرحوم هيئت ڪبار العلما علمي تحقيق ۽ افتا جي عمومي صدارت ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي اعليٰ ڪائونسل جي سربراهه طور پڻ خدمتون انجام ڏنيون. خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سندس غائبانه جنازي نماز مڪه مڪرمه جي مسجد الحرام، مدينه منوره جي مسجد نبوي ۽ سعودي عرب جي مختلف مسجدن ۾ ادا ڪرايون. سعودي عرب جي ديوان شاهي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سندس لاڏاڻي سان سعودي عرب ۽ اسلامي دنيا هڪ جليل القدر عالمِ دين کان محروم ٿي وئي آهي. هن اسلام ۽ مسلمانن لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سندس گهر وارن، سعودي عوام ۽ اسلامي دنيا سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

مزید خبریں