نيويارڪ - 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جو لاڏاڻو نه رڳو سعودي عرب پر پوري مسلمان امت جي لاءِ ڏک جو لمحو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ …
وزيراعظم شهباز شريف پاران سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
نيويارڪ – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ جو لاڏاڻو نه رڳو سعودي عرب پر پوري مسلمان امت جي لاءِ ڏک جو لمحو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو هڪ اهڙو جليل القدر عالم دين هو جنهن پنهنجي پوري زندگي قرآن ۽ سنت جي ترويج، شريعت مطهره جي توضيح ۽ امت جي رهنمائي ۾ وقف ڪري ڇڏي، مسلمان امت جي اتحاد جي لاءِ سندس ڪوششن ۽ علمي بصيرت کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ديني ۽ علمي روايت ۾ مرحوم جون خدمتون هڪ روشن باب جي حيثيت رکن ٿيون ۽ سندس ڇڏيل علمي ورثي مان ايندڙ نسلون رهنمائي حاصل ڪنديون رهنديون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ڀائر ملڪ سعودي عرب جي عوام ۽ سعودي قيادت جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن، آئون مرحوم جي گهرڀاتين، خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ پوري سعودي قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس ديني خدمتن کي شرف قبوليت فرمائي.










