فرانس سميت ٻن ڏينهن ۾ 20 ملڪن پاران فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان، اسرائيل اڪيلائپ جو شڪار

نيويارڪ -23 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻن ڏينهن ۾ 10  ملڪن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ رپورٽ موجب برطانيه، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ پرتگال جي فلسطيني رياست کي رسمي طور تسليم ڪرڻ کان پوءِ فرانس، موناڪو، بيلجيئم، لڪسمبرگ، مالٽا ۽ انڊورا به باضابطا طور فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ اعلان ڪيو آهي. اهڙي طرح هاڻي گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن مان 157 ملڪن فلسطيني رياست …

نيويارڪ -23 سيپٽمبر (اي پي پي) ٻن ڏينهن ۾ 10  ملڪن فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ رپورٽ موجب برطانيه، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ پرتگال جي فلسطيني رياست کي رسمي طور تسليم ڪرڻ کان پوءِ فرانس، موناڪو، بيلجيئم، لڪسمبرگ، مالٽا ۽ انڊورا به باضابطا طور فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ اعلان ڪيو آهي. اهڙي طرح هاڻي گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن مان 157 ملڪن فلسطيني رياست کي تسليم ڪري ورتو آهي. سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن مان آمريڪا واحد ملڪ رهجي ويو آهي جنهن هاڻي تائين فلسطيني رياست کي تسليم ناهي. ان دوران اسرائيل طرفان رد عمل سامهون آيو آهي ۽ هن ڌمڪي ڏني آهي ته سندس جنگي مقصد رڳو غزه تائين محدود نه هوندا. فلسطين مسئلي جي پرامن ۽ ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي عالمي ڪانفرنس سان گڏوگڏ عالمي برادري ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي هڪ نئين لهر ڏٺي پئي وڃي، اولهه واري دنيا ۾ اسرائيلي پاليسين تي اتفاق م ڏار پئجي رهيا آهن ۽ اسرائيل وڌيڪ اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته فرانس اڄ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ٿو. ان موقعي تي 193اسيمبلي ميمبرن، عالمي اڳواڻن ۽  گڏيل قومن جي نمائندن اٿي بيهي ان اعلان جي آجيان ڪئي. فرانس جي صدر پنهنجي خطاب ۾ غزه م اسرائيلي حملن جي خاتمي، يرغمال بڻايل اسرائيلي شهرين جي آزادي ۽ فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ به رياستي حل جي بحالي تي زور ڀريو. هن جو چوڻ هو ته فلسطيني عوام جي جائز حقن کي تسليم ڪرڻ اسرائيلي عوام جي حقن کي چئلينج نٿو ڪري پر امن طرف هڪ قدم آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پڻ ان موقعي تي زور ڀريو ته فلسطيني رياست جو حق ڪو انعام ناهي پر ان جو بنيادي حق آهي. واضح رهي ته اهو اجلاس فرانس ۽ سعودي عرب جي گڏيل ميزباني ۾ منعقد ٿيو، جنهن کان هڪ ڏينهن اڳ برطانيه، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ پرتگال سميت ڪيترائي ملڪ فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن. جڏهن ته هلندڙ هفتي وڌيڪ ملڪن طرفان اهڙن اعلانن جي اميد آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل ان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته ايشيا، آفريقا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي اڪثريتي رياستن اڳ ئي فلسطيني رياست کي تسليم ڪري چڪا آهن. ويجهڙائي ۾ اولهه جي ملڪن جو وڏو تعداد به ان فهرست ۾ شامل ٿي رهيو آهي.

مزید خبریں