او آءِ سي مسلمانن جي جائز حقن جي حفاظت ۽ امت اندر فرقي واراڻي ورڇ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز: اسحاق ڊار

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي 1500هين ولادت جي موقعي تي امن ۽ رواداري جي ثقافت جي فروغ جي حوالي سان او آءِ سي جي هڪ خاص اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ …

نيويارڪ-23 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي 1500هين ولادت جي موقعي تي امن ۽ رواداري جي ثقافت جي فروغ جي حوالي سان او آءِ سي جي هڪ خاص اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي امن، انصاف، رحم ۽ رواداري جي لازوال قدرن تي غور ڪرڻ جو موقعو آهي، جنهن جو مثال حضور ﷺ پنهنجي تعليم ۽ ڪردار جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. پيغمبر ﷺ جي فلسفي جي تبديلي جي حوالي سان اثرن کي اجاگر ڪندي نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ڪيئن انصاف، صلاح مشوري، رواداري ۽ تڪرارن جي پرامن حل بابت پيغمبر ﷺ جي تعليم  جي گُونج گڏيل قومن جي چارٽر ۾ شامل اصولن ۾ ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار ميثاق مدينه، ميثاق حديبيه ۽ مڪي جي پرامن فتح جو حوالو ڏيندي پيغمبر اسلام ﷺ جي تعليمات ۽ ڪردار جي عالمگيريت جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ ڪثرت پسندي، ڳالهه ٻولهه، معافي ۽ بين الاقوامي قانون جي جديد طريقن جو بنياد رکيو ويو آهي. هن مسلم امت کي درپيش جديد چئلينجن ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير جا تڪرار ۽ وڌندڙ اسلاموفوبيا جهڙين ناانصافين سان عالمي امن کي نقصان پهتو آهي. هن او آءِ سي تي زور ڏنو ته هو مسلمانن جي جائز حقن جي حفاظت ۽ امت اندر فرقي واراڻي ورڇ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار امن ۽ رواداري جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ لاءِ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري تي زور ڏنو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي ولادت جي مُناسبت سان هِن تقريب کي اسان جي اهڙي عمل جو مُحرڪ بڻجڻ گھُرجي، جيڪو نبي ڪريم ﷺ جي رحمت، انصاف ۽ همدرديءَ جي لازوال پيغام کي جديد دور جي اهڙين پاليسين ۾ تبديل ڪرڻ وارو هُجي، جيڪو عزت، برابري، ۽ باهمي احترام کي برقرار رکندو آهي. هن انهن مقصدن لاءِ پاڪستان جي ثابت قدمي ۽ هن گڏيل ڪوشش ۾ او آءِ سي جي ميمبرن ۽ وسيع تر عالمي برادري سان تعاون جي عزم کي پُڻ ورجايو.

مزید خبریں