گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان روس جو مبينه طور تي پولينڊ ۽ رومانيه جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي کان پوءِ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ ڳالهين ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جنگ بندي ۽ سفارتڪاري ڏانهن واپسي ئي پائيدار امن جو …
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران روس- يوڪرين جنگ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل

مزید خبریں
گڏيل قومون -23 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان روس جو مبينه طور تي پولينڊ ۽ رومانيه جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي کان پوءِ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ ڳالهين ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته جنگ بندي ۽ سفارتڪاري ڏانهن واپسي ئي پائيدار امن جو واحد رستو آهي. اهو اجلاس عالمي امن ۽ سلامتي جي درپيش خطرن جي ايجنڊا تحت گهرايو ويو، جنهن جي ڪري 19 سيپٽمبر تي روس مگ- 31 جهاز جي اسٽونيا جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي جنهن بابت اسٽونيا هڪ خط ذريعي سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو حامي آهي، جنهن جو احترام لازمي آهي. هن چيو ته يوڪرين ۾ جاري جنگ چوٿين سال ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ان جنگ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ شديد چئلينجز پيدا ڪيا آهن، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ان تڪرار جي نقصانڪار اثرن ۽ جنگ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀري چڪو آهي. هن سمورين ڌرين تي زور ڀريو ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن، ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن ۽ عالمي انساني قانونن جي سختي سان پاسداري ڪن. ان موقعي تي اسٽونيا جي پرڏيهي وزير مارگس ساخنا چيو ته روس جي جهازن پاران هوائي حدن جي ڀڃڪڙي جا ريڊار اسڪرين شاٽس ۽ تصويرون پيش ڪيون ويون آهن. روس پاران 2025ع ۾ اسٽونيا جي هوائي حدن جي اها پنجين ڀڃڪڙي آهي ۽ روس پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن کي چڙ ڏيارڻ جو سلسلو جاري آهي.










