روس پاران گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سڌارن تي بين الحڪومتي ڳالهين جي تجويز

ماسڪو -23 سيپٽمبر (اي پي پي) روس گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سڌارن جي حوالي سان بين الحڪومتي ڳالهين جي تجويز ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي عالمي تنظيمن جي ڊائريڪٽر ڪرل لاگونيوف چيو آهي، ته سڌارن جي سلسلي ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ بين الحڪومتي ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي  جو 80هون اجلاس نيويارڪ ۾ 9 …

ماسڪو -23 سيپٽمبر (اي پي پي) روس گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ سڌارن جي حوالي سان بين الحڪومتي ڳالهين جي تجويز ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  موجب روس جي پرڏيهي وزارت جي عالمي تنظيمن جي ڊائريڪٽر ڪرل لاگونيوف چيو آهي، ته سڌارن جي سلسلي ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ بين الحڪومتي ڳالهين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي  جو 80هون اجلاس نيويارڪ ۾ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿي چڪو آهي، جتي 23 کان 27 سيپٽمبر تائين اعليٰ سطحي هفتو منعقد ٿيندو ۽ 29 سيپٽمبر تي جنرل ڊبيٽ ۾ 193 ملڪن جا نمائندا تقريرون ڪندا.

مزید خبریں