گلوبل صمود فلوٽيلا کي غزه جي ناڪابندي ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي: اسرائيل

تل ابيب-23سيپٽمبر(اي پي پي)اسرائيل چيو آهي ته گلوبل صمود فلوٽيلا (جهازن جي قافلي)کي غزه جي ناڪابندي ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل ڪنهن به جهاز کي هڪ فعال جنگي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ نه ئي ناڪا بندي ٽوڙڻ جي اجازت ڏني ويندي . بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن …

تل ابيب-23سيپٽمبر(اي پي پي)اسرائيل چيو آهي ته گلوبل صمود فلوٽيلا (جهازن جي قافلي)کي غزه جي ناڪابندي ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل جي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل ڪنهن به جهاز کي هڪ فعال جنگي علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ نه ئي ناڪا بندي ٽوڙڻ جي اجازت ڏني ويندي . بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن فلو ٽيلا ۾ شريڪ واقعي انساني امداد فراهم ڪرڻ چاهن ٿا  ته اسرائيل انهن جهازن  کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اشڪيلون جي بندرگاه تي لنگرانداز ٿين جتان کان امدادي سامان کي غزه منتقل ڪيو ويندو . واضع رهي ته فلوٽيلا گلوبل صمود  فلو ٽيلا جي نالي سان روانو ٿيو جنهن ۾ فلسطين جون حامي ڪيتريون ئي شخصيتون شامل آهن جن ۾ سوئيڊن جي ماحولياتي ميمبر گريٽا ٿنبرگ پڻ شامل آهي. فلوٽيلا  هلندڙ مهيني تيونس کان روانوٿيو جنهن جو مقصد اسرائيل جي غزه تي ناڪا بندي ٽوڙڻ ۽ اتي امداد پهچائڻ آهي. روانگي کان اڳ فلوٽيلا جي انتظاميا دعويٰ ڪئي هئي ته ٻن ٻيڙين کي ڊرون حملن جو نشانو بڻايو ويو . ان کان اڳ اسرائيل جون ۽ جولاءِ ۾ پڻ ٻن فلوٽيلاز کي غزه وڃڻ کان روڪيو هو .

مزید خبریں