تهران -23 سيپٽمبر(اي پي پي) ايراني فوج جي اڳواڻ ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي چيو آهي ته قومي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي ۽ ڪنهن به غلطي جو ڀرپور جواب ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران ( فرانس جرمني ۽ برطانيا ) وچ ۾ ائٽمي مسئلي تي ڳالهين جي سلسلي ۾ ڪا به سودي بازي نه ڪندو . هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دشمن نئيون غلطيون ڪيو ته سخت جواب …
قومي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، ڪنهن به غلطي جو ڀرپور جواب ڏينداسين: ايراني فوج

مزید خبریں
تهران -23 سيپٽمبر(اي پي پي) ايراني فوج جي اڳواڻ ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي چيو آهي ته قومي مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي ۽ ڪنهن به غلطي جو ڀرپور جواب ڏينداسين. پرڏيهي ميڊيا موجب ايران ( فرانس جرمني ۽ برطانيا ) وچ ۾ ائٽمي مسئلي تي ڳالهين جي سلسلي ۾ ڪا به سودي بازي نه ڪندو . هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دشمن نئيون غلطيون ڪيو ته سخت جواب ڏنو ويندو جنهن تي هو پڇتائيندو. عراق ايران جنگ جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ موسوي چيو ته دشمن 12 ڏينهن جي جنگ ۾ ايراني فوج، دفاعي طاقت، علاقائي صلاحيتن ۽ اسان جي هٿيار بند فوج جي فيصلائتي جواب سامهون ناڪام رهيو. هن وڌيڪ چيو ته جديد ۽ اعلي دفاعي ٽيڪنالوجي کي ترقي ڏيڻ ۽ محافظ فوج کي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ڪنهن به خطري جو فوري، فيصلائتو ۽ مزاحمتي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪو تصور کان به وڌيڪ هوندو.










