نيويارڪ - 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جي ميزباني ۾ منعقد مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اردن ۽ گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظمن جڏهن ته مصر، انڊونيشيا، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران پرڏيهي وزيرن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جي ميزباني ۾ منعقد مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت

مزید خبریں
نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جي ميزباني ۾ منعقد مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اردن ۽ گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظمن جڏهن ته مصر، انڊونيشيا، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس دوران پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪجهه اهم معاملن تي گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ راءِ جي مٽاسٽا ۽ هم آهنگي ظاهر ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن ۽ تعاون کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستاني عوام کي وچ اوڀر جي پنهنجي مسلمان ڀائرن سان گهري محبت آهي ۽ اها امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين مثبت ڪوششن جي حمايت ڪري ٿي.










