اتر ڪوريا پاران نئون ڳجهو هٿيار تيار ڪرڻ جو اعلان

سيئول -22 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان انڪشاف ڪيو آهي، ته ملڪ جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي سلسلي ۾ هڪ نئون ڳجهو هٿيار تيار ڪري ورتو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪم جونگ ان سپريم پيپلز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۽ پارٽي دفاعي طاقت کي تيزي سان هٿي ڏئي رهيا آهن. هن نئين تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهازن جي تعمير …

سيئول -22 سيپٽمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان انڪشاف ڪيو آهي، ته ملڪ جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافي جي سلسلي ۾ هڪ نئون ڳجهو هٿيار تيار ڪري ورتو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب ڪم جونگ ان سپريم پيپلز اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۽ پارٽي دفاعي طاقت کي تيزي سان هٿي ڏئي رهيا آهن. هن نئين تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهازن جي تعمير کي ”سامونڊي طاقت بڻجڻ ڏانهن پهريون اهم قدم“ قرار ڏنو. جڏهن ته اسٽريٽجڪ فورسز کي مضبوط بڻائڻ ۽ روايتي هٿيارن جي جديدڪاري جو به ذڪر ڪيو. ڪم جونگ ان چيو ته اسان هڪ ڳجهو هٿيار حاصل ڪيو آهي، دفاعي سائنس ۽ تحقيق جي ميدان ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي جيڪا اسان جي جنگي صلاحيتن ۾ زبردست اضافو ڪندي. ڪم جونگ ان دعويٰ ڪئي ته ايٽمي طاقت کي هٿي ڏيڻ سبب هاڻي اتر ڪوريا پاڻ کي اڳ  کان وڌيڪ محفوظ تصور ڪري ٿو.

مزید خبریں