اسرائيل اردن سان سرحدي گذرگاهون ٻيهر کولي ڇڏيون

تل ابيب -22 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل اردن سان سرحدي گذرگاهون ٻيهر کولي ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي بارڊر اٿارٽي  جي ترجمان ٻڌايو ته اسرائيل اولهندي ڪناري ۽ اردن وچ ۾ واحد زميني گذرگاهه ايلنبي ڪراسنگ کي ٻيهر مسافرن لاءِ کولي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اها گذرگاهه 19 سيپٽمبر تي بند ڪئي وئي هئي، جڏهن هڪ اردن جي ٽرڪ ڊرائيور فائرنگ ڪري ٻن اسرائيلي فوجين کي ماري ڇڏيو …

تل ابيب -22 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل اردن سان سرحدي گذرگاهون ٻيهر کولي ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي بارڊر اٿارٽي  جي ترجمان ٻڌايو ته اسرائيل اولهندي ڪناري ۽ اردن وچ ۾ واحد زميني گذرگاهه ايلنبي ڪراسنگ کي ٻيهر مسافرن لاءِ کولي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اها گذرگاهه 19 سيپٽمبر تي بند ڪئي وئي هئي، جڏهن هڪ اردن جي ٽرڪ ڊرائيور فائرنگ ڪري ٻن اسرائيلي فوجين کي ماري ڇڏيو هو. واقعي کان پوءِ سرحدي ڪراسنگ کي سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي عارضي طور بند ڪيو ويو هو. ايلنبي ڪراسنگ نه رڳو مسافرن پر واپاري مال برادري لاءِ به اهم رستو آهي، جنهن کي اردن ۽ والاريل اولهندي ڪناري وچ ۾ سامان جي چر پر جو وڏو ذريعو سمجهيو ويندو آهي. اسرائيل جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن ته جيئن آئينده اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.

مزید خبریں