فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ امن طرف اهم اڳڀرائي آهي: آسٽريليا جو وزيراعظم

ڪينبرا -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي، ته سندس حڪومت جو فلسطين رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ، وچ اوڀر ۾ امن جي قيام ڏانهن هڪ عملي ۽ هاڪاري قدم آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه رياستي حل جو تصور 1948ع کان آسٽريلوي سياست ۾ ٻه جماعتي اتفاق راءِ جو حصو رهيو آهي ۽ اها ان وقت جي …

ڪينبرا -22 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم انٿوني البانيز چيو آهي، ته سندس حڪومت جو فلسطين رياست کي باضابطا طور تسليم ڪرڻ، وچ اوڀر ۾ امن جي قيام ڏانهن هڪ عملي ۽ هاڪاري قدم آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه رياستي حل جو تصور 1948ع کان آسٽريلوي سياست ۾ ٻه جماعتي اتفاق راءِ جو حصو رهيو آهي ۽ اها ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آسٽريلوي رياست قائم ٿي هئي. هن چيو ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ هڪ هاڪاري قدم آهي، جيڪو ان جي پراڻي تڪرار جي پرامن حل طرف وڌڻ جو واحد رستو آهي. اسان جو ويزن اهو آهي ته اسرائيل ۽ فلسطين جو عوام امن ۽ سلامتي سان گڏ رهي ۽ ٻنهي قومن جي خوشحالي کي هٿي ملي.

مزید خبریں